سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 6 جون تي بحريه ٽائون جي گيٽ اڳيان ڌرڻي جو اعلان

0
398

ڪوٽڙي (ن پ ا) سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 6 جون تي بحريا ٽائون جي گيٽ اڳيان ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سربراهي اجلاس بعد ڄامشوري ۾ پريس بريفنگ ڏيندي سيد جلال محمود شاهه چيو ته بحريه ٽائون منصوبي تحت لکين ڌاريا آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ساش ڪئي پئي وڃي. بحريا ٽائون منصوبي خلاف عدالتي ۽ سفارتي ۽ سياسي فورمز ذريعي جدوجهد ڪئي ويندي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران بحريا ٽائون جي زمين کي غير قانوني قرار ڏئي الاٽمينٽ رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سيد جلال شاهه چيو ته بحريا ٽائون خلاف عدالتي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا عدالت ۾ ڪيس وڙهندي ۽ سفارتي لاڳاپا استعمال ڪري دنيا آڏو ڪيس رکيو ويندو اجلاس ۾ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊئي ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي..