احمدپور: هٿڪڙيون لڳل جوابدار پوليس کي چمڪو ڏئي فرار

0
237

احمدپور(ن پ ا) احمدپور پوليس کي هٿڪڙيون لڳل جوابدار چمڪو ڏئي فرار، پوليس ٽن جوابدارن کي ڪورٽ کڻي وڃي رھي ھئي ته ميتلا پيٽرول پمپ وٽان اھلڪارن کي چمڪو ڏئي موبائل مان ھڪ جوابدار ھٿڪڙين سميت فرار ٿي ويو، جنهن بعد پوليس جوابدار کي باغن ۽ فصلن ۾ ڳوليندي رھي پر جوابدار ھٿ اچي نه سگھيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار موالي ھو سندس ڀنگ جو ڪيس داخل ٿيل ھو، ڪورٽ کڻي وڃي رھيا ھياسين ته رستي تان ميتلا پيٽرول پمپ وٽان چمڪو ڏئي ڀڄي ويو، پوليس نالو ٻڌائڻ کان لنوائيندي چيو ته جوبدار کي ٻيھر جلد گرفتار ڪيو ويندو.