احمدپور (ن پ ا ) ڳوٺ عيدل ميتلو ۾ گهر تي حملو ڪري عورتن تي تشدد تذليل ڪرڻ واري مامري جو احمدپور ٿاڻي تي عورت انور ميتلو جي فرياد تي چئن جوابدارن امان الله ميتلو، وقار ميتلو، سعيد ميتلو ۽ عاشق ميتلو مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادڻ پيرسن عورت انور خاتون ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس ھڪ به جوابدار گرفتار ناھي ڪري سگھي، ٻئي طرف احمدپور پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.