شهدادپور (ن پ ا) شهدادپور جي ڳوٺ بهادر ڪلوئي ۾ 7 ورهين جي ٻارڙيءَ ڪاجل ڀيل کي حوس جو نشانو بڻائيندڙ مُک جوابدار روشن ڀيل قانون جي پڪڙ ۾ نه اچي سگهيو، جوابدار جي ماءُ شريمتي گوري ۽ سندس سئوٽ رامچو ڀيل بدستور پوليس تحويل ۾ آهن. جڏهن ته زيادتي جو شڪار 7 ورهين جي نينگري ڪاجل کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال مان علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ بعد فارغ ڪيو ويو جنهن کي وارث ڳوٺ کڻائي ويا. زيادتي واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود مُک جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا نه ئي ڪي ٽيمون جوڙيون ويون. متاثر خاندان پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته وحشي جوابدار روشن ڀيل کي گرفتار ڪري کيس عبرتناڪ سزا ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.