نوشهروفيروز(رپورٽر) ابڙان ڀرسان ڳوٺ سالار تڳر جي رهواسين غلام رسول تڳر، غلام نبي تڳر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ دانهيندي چيو ته لوڊا برادري جي هٿيار بندن اسان جي ڳوٺ مٿان حملو ڪري زمين تي ڪم ڪندڙ نوجوان نظام الدين تڳر کي بندوق جا ڇرا لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ان باوجود ابڙان پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي جنهن سبب انديشو آهي ته ڪنهن وقت به خوني جهيڙو ٿي سگهي ٿو.هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف قدم کڻي کين گرفتار ڪيو وڃي.