تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ ميربيگ گجراڻي ۾ گجراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو نبيرو سعيداحمد باجڪاڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد الزام هيٺ آيل حضور بخش گجراڻي جي ڌر مٿان 16 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، جنهن موقعي تي متاثر ڌر جي قادربخش گجراڻي کي هڪ لک رپيا ادا ڪيا، فيصلي بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي پاڻ ۾ کير کنڊ ڪيو ويو.