کاهي(ن پ ا) کاهي ٿاڻيءَ جي حد ۾ ڳوٺ پپراتاليءَ ۾ نوجوان علي محمد پٽ اسحاق ڪنڀر تي ارباب هڱورجو ۽ ٻين سندن گهرن ۾ بُريءَ نيت سان داخل ٿيڻ جو الزام هڻي لٺين ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو. جنهن بعد سندس وارثن کي اطلاع ڏنو ويو جن زخمي نوجوان کي کاهي ٿاڻي تان علاج جو ليٽر ملڻ بعد تعلقي اسپتال کپرو منتقل ڪيو جتان شديد زخميءَ هجڻ ڪري لال بتي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف کاهي ٿاڻي تي ارباب هڱورجو جي فرياد تي زخمي نوجوان تي گهر اندر بُريءَ نيت سان داخل ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو، پوليس زخميءَ جوابدار کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.