ابراهيم حيدري جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف مزاحمت جو اعلان: هزارين ماڻهو مزاحمت ڪندا: جان عالم

0
240

ڪراچي: واٽر بورڊ انتظاميا ڪراچي جي سنڌي وسندي ابراهيم حيدري جي پاڻي تي ڌاڙي جي اجازت ڏئي ڇڏي، پيپلز پارٽي اڳواڻن توڙي علائقي واسين طرفان ڀرپور مزاحمت جو اعلان

اِن ڏس ۾ پيپلز پارٽي پي ايس 91/129 جي صدر جان عالم ڄاموٽ جي قيادت ۾ ايم پي اَي هائوس تي اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ان موقعي تي جان عالم ڄاموٽ الزام هنيو ته واٽر بورڊ انتظاميا بااثر حفيظ جٽ کي ابراهيم حيدري جي مين پاڻي لائين مان غير قانوني هائيڊرنٽس هلائڻ جي اجازت ڏني آهي، جيڪو ظلم آهي

هن چيو ته ابراهيم حيدري ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، ٽينڪر مافيا کي پاڻي ڏيڻ سان علائقي واسي سخت متاثر ٿيندا، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي

پ پ اڳواڻ چتاءُ ڏنو آهي ته واٽر بورڊ انتظاميا پنهنجو فيصلو واپس نه ورتو ته مسجدن مان پڙها ڏياري ماڻهن کي ٻاهر ڪڍنداسين، پوءِ جيڪو ٿيندو، اُن جي ذميوار واٽر بورڊ انتظاميا هوندي