آمريڪي عورت طرفان شھزادا اينڊريو تي جنسي زيادتي جو الزام

0
355

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪي عورت ورجينيا رابرٽس برطانيا جي شھزادي اينڊريو تي جنسي زيادتي جو الزام لڳائيندي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، غير ملڪي خابرو اداري موجب ورجينيا رابرٽس طرفان نيويارڪ سٽي عدالت ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ ھُن کي شھزادا اينڊريو جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، آمريڪي عورت دعويٰ ڪئي آھي تھ شھزادا اينڊريو بدنام جيفري ايپسٽين جي نيويارڪ ۾ گھر تي ھُن کي گھٽ عمر ۾ زيادتي جو نشانو بڻايو ھو، ياد رھي تھ آمريڪا کان آسٽريليا منتقل ورجينيا رابرٽس جي عمر ھاڻ 38 سال آھي جڏھن تھ شھزادا اينڊريو آمريڪي عورت جي الزامن کي رد ڪري چڪو آھي.