سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي نجي سوسائٽي ۾ واقع ھڪ بنگلي ۾ ڪم ڪندڙ 8 ورھين جي نينگري مناحل ڌيءَ سرفراز علي پريس ڪلب پھچي 2 ڏينھن اڳ الزام مڙھيو ھو ته ھو اصل ايبٽ آباد جي رھواسڻ آھي، والد سرفراز 3 شاديون ڪيون آھن، منھنجي امڙ انتھائي غريب آھي، تنھن مون کي ايبٽ آباد جو ئي غلام مجتبيٰ جيڪو سکر ۾ رھائش پذير آھي اُن جي حوالي ڪيو، غلام مجتبيٰ جي گھرواري مومنا علي کيس معمولي ڳالھين تي سخت تشدد ڪندي آھي، جنھن گهٽو ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي، مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، اھڙي اطلاع ملڻ تي سي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايچ او ۽ وڏو منشي پريس ڪلب پھتا، جن ٻارڙيءَ کي پڇا ڳاڇا به ڪئي ۽ ميڊيا وارن آڏو چيو ته ٻارڙين کي رکڻ جي لاءِ سکر ۾ ڪو به ادارو ناھي، اِن ڪري کيس فيري ھوم جنھن ۾ سڀ نينگريون آھن اُتي رکيو ويندو، جنھن جي لاءِ فيري ھوم جي چيئرپرسن وڪيل فرزانا کوسو سان پوليس رابطو ڪري کيس آگاھ به ڪيو. پر اوچتو پوليس جو موقف تبديل ٿي ويو، جنھن چيو نينگريءَ کي بيان جي لاءِ حد جي پوليس حوالي ڪيو ويندو، بعد ۾ ميڊيڪل ڪرائڻ سان گڏ قانوني گھرجون پوريون ڪيون وينديون، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب نينگريءَ طرفان مڙھيل الزام ته کيس تشدد ڪيو ويو آھي اِن جو ڪو به ميڊيڪل نه ڪرايو ويو ۽ نينگريءَ کي ٻارڙين واري اداري ۾ رھائڻ بدران ون فائيوَ ۾ قائم وومين سينٽر ۾ رھايو ويو، ٻارڙيءَ جي والدا مسمات ريحانا ۽ سندس ڀاءُ يعني نينگريءَ جو مامو عرفان گجر سکر پھتا، پوليس قانوني ڪارروائي بعد نينگريءَ کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آھي ته ٻارڙي طرفان لڳايل الزام ھيٺ آيل ڌر جو نيب ۾ اعليٰ عملدار آھي، تنھن ڪري خاموشيءَ سان معامري کي حل ڪيو ويو.