واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا افغانستان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به فوجي اڏا ٺاهڻ لاءِ منصوبابندي ڪري ورتي، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل ڪينٿ مڪينزي چيو آهي ته دهشتگرد ڪاررواين کي منهن ڏيڻ لاءِ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن ۾ فوجي اڏا ٺاهڻ ۽ جهاز بيهارڻ جو ارادو آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه چيو ته معاهدي تي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ۽ سفارتڪار ڪم ڪري رهيا آهن، آمريڪا حتمي فيصلو قومي سطح تي ڪندو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته افغانستان ۾ القاعده ۽ دولت اسلاميه ٻيهر منظم ٿيڻ سان سڀ کان وڌيڪ پريشاني پاڪستان کي ٿيندي.