آمريڪا عالمي تنظيمن کي طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ سان ڏي وٺ جي اجازت ڏئي ڇڏي

0
359

ڪراچي(م ڊ) آمريڪا افغانستان کي انساني بحران کان محفوظ رکڻ لاءِ عالمي تنظيمن کي طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ سان ڏي وٺ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا افغانستان ۾ امداد لاءِ وڌيڪ رستو کولڻ لاءِ ٻه لائسنس جاري ڪري رهيو آهي، ڇو ته آمريڪا کي خدشو آهي ته هن جون طالبان تي پابنديون افغانستان ۾ انساني بحران وڌي سگهي ٿي.

آمريڪا جي ناڻي واري کاتي موجب هڪ لائسنس آمريڪي حڪومت، اين جي اوز ۽ گڏيل قومن سوڌو مخصوص عالمي تنظمين کي طالبان يا حقاني نيٽ ورڪ سان گڏ ڏي وٺ ۾ ملوث هجڻ جي اجازت ڏيئي ٿو.

رپورٽ موجب ٻيو لائسنس عالمي تنظيمن کي طالبان حڪومت سان گڏ خوراڪ، دوائون ۽ طبي شين جي بر آمد بابت ڪجهه ڏي وٺ جي اجازت ڏيئي ٿو.