آءِ بي اي پاران ورتل امتحان ۽ ان جا نتيجا!

                 جيئن ته 13 سيبٽمبر کان آءِ بي طرفان پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جون ٽيسٽون ھلي رھيون آھن، ان ۾ تقريبن ڪيترائي اميدوار فيل ٿي ويا يا 45 سيڪڙو ھر پورشن واري شرط تي پورو نه لھي سگھيا، اصل ۾ ھر سبجيڪٽ ۾ 45 وارو شرط به اجايو آهي، ڇو ته ھڪ ماڻھو سڀني فيلڊز ۾ ڪيئن ٿو ماھر ٿي سگھي؟ ھن ٽيسٽ ۾ ڪيترائي اھڙا اميدوار فيل ٿيا آهن جن کي 10، 15 سالن جو ٽيچنگ تجربو آھي ۽ ڪجھ ته سي ايس ايس ۽ ٻين ڪميشن امتحانن جي تياري ڪندڙ به فيل ٿيا آھن، ڇا پوءِ اهي سڀئي نااھل آھن؟ جيڪي ميٿ ۾ 80 سيڪڙو کان مٿي مارڪون کڻن ٿا ۽ سائنس ۾ گھٽ مارڪن اٿن! ڇا اھي نااھل بڻيا؟ ترقي يافتا ملڪن ۾ ھر سبجيڪٽ جو الڳ الڳ استاد ھوندو آهي جيڪو ئي ڪارائتي انداز سان شاگردن کي چڳي نموني پڙھائي سگھي ٿو، باقي ڳالھ ته جيڪڏھن سيٽون بچائڻ جي توھان سڌي ڳالھ ڪري ڇڏيو ته اسان کي ھيتريون نوڪريون ناھن ڏيڻيون ته کڻي شاگرد به ايترا فارم نه ڀرائين. حڪومت کي گھرجي ته جنھن به اميدوار جون 50 آهن مارڪون آهن انھن کي پاس قرار ڏنو وڃي ان حساب سا ئي ميرٽ لسٽ ٺاھي وڃي ڇو ته ڌڪي وارا لڪير جا فقير 30 35 مارڪن تائين ڍير ٿي ويا آھن باقين اميدوارن 45 50 جنھن کنيو آهي انھن واقعي ڪجھ محنت به ڪئي آهي ان لاءِ پاليسي ۾ ترميم ڪري سيٽيون ڀريون وڃن جيڪڏھن 50 جي حساب سان سيٽون ڀريندا ته پوءِ به انھن جون ھزارين سيٽيون بچي پونديون.

عبدالصمدکوسو/نوشھروفيروز

استادن جي ڀرتين ۾ پيدا ڪيل مونجھارا!

  آءِ بي اي پاران شروعات ۾ ئي ڀرتين جي عمل ۾ مونجھارا پيدا ڪيا ويا جن کي حڪومت سنجيدگي سان نه ڏٺو، آءِ بي اي جيڪو پاڻ کي جديد دور جو بھترين ادارو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ۽ حقيقت به آھي پر ان جي جديد سسٽم ۾ درخواست ڏيندڙ اميدوارن جون مارڪون جي 50 سيڪڙو کان گھٽ ھيون ته انھن اميدوارن جي ٽيسٽ فيس چالان ڇو ورتو ويو، رپورٽن موجب لڳ ڀڳ 2 لک اميدوارن کي رد ڪيو ويو ۽ انھن مسڪين اميدوارن جا حق حلال جا پئسا آءِ بي اي جي اڪائونٽ ۾ ھليا ويا، جيڪي ناقابل واپسي آھن، ان ايڏي وڏي ناجائزي جو تدارڪ ڪير ڪندو؟ جي نثار صديقي صاحب جيئرو ھجي ھا ته شايد ھو اھا ناانصافي نه ڪرڻ ڏئي ها. جن اميدوارن جون درخواستون قبول ڪيون ويون انھن سان جيڪا ويڌن ٽيسٽ ۾ ڪئي وئي سا به ڪنھن کان ڳجهي ڪانھي، ٽيسٽ وٺڻ جا ڪجهه اصول ۽ قائدا قانون به ھوندا آھن جن کي آءِ بي اي مڪمل نظرانداز ڪري صرف پنھنجو نالو بيھارڻ لاءِ ٽيسٽ جو اھڙو پيٽرن تيار ڪيو جو عام شاگرد جي سوچ ۽ سندس حاصل ڪيل تعليم کان بلڪل مختلف ھو، اھڙا ته عجيب و غريب سوال ڏنا ويا جن جو روزمره جي زندگي، جنرل ناليج جي پورشن کي ڏٺو وڃي ته ان ۾ به ترقي يافتا ملڪن جي جھنڊن جا رنگ پڇيا ويا، بھتر ته ايئن ٿئي ھا ته ان ملڪ جي جھنڊي جي بجاءِ تعليمي نظام بابت سوال ڪيا وڃن ھا. جي سڀني ٽيسٽن کي ڏٺو وڃي ته ايئن محسوس ٿيندو ته ٽيسٽ گريجوئيشن پاس اميدوارن کان نٿي ورتي وڃي پر سائنسدانن، عالمن وڏن اديبن، فلاسافرن ۽ شاعرن کان ورتي ٿي وڃي، جيڪي پاس ٿي ٻار ڪو نه پڙھائيندا سڌو وڃي ضلعي جا آفيسر ٿي ضلعو سنڀاليندا.

رياض راڄپر/ ڀنگو بھڻ فيض گنج 

ڊمپر ڊرائيورن لاءِ

ڪو قانون آهي؟

                 بدين کان اسلام ڪوٽ ويندڙ هڪ شاندار رستو آهي، جنھن تي هزارين قسمن جون ننڍيون ۽ وڏيون گاڏيون سفر ڪن ٿيون، ان روڊ تي 22 ويلر ٽريلر ۽ ڊمپرن جو تعداد به گهڻو آهي، انهن ٽرالرن ۽ ڊمپرن تي ڊرائيور پٺاڻ آهن جيئن ته ڪوئلي جو ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ بدين کان وٺي اسلام ڪوٽ تائين ڪيترائي ٿري غريب ماڻهو، گهمڻ وارا ماڻهو ۽ هزارين جي تعداد ۾ مال ماريو اٿن، جيئن ته هن روڊ تي هلندڙ ڳرين گاڏين لاءِ سنڌ حڪومت طرفان ڪو به قانون پاس ٿيل نه آھي، جڏھن ته ڊمپر ڊرائيور سڀ نشئي آهن، اهي ايترا ته بااثر آهن جو ڪيڏو به نقصان ڪري وڃن پر ان جو ازالو نٿو ٿئي، جي اها ساڳي صورتحال رهي ته موٽرسائيڪل ۽ ننڍين گاڏين وارا ماڻهو ڪهڙي روڊ تي سفر ڪندا؟ هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بدين کان مٺي ويندڙ مين روڊ تي ٽريفڪ پوليس مقرر ڪئي وڃي ته جيئن مسافر وڏي حادثي ٿيڻ کان بچي سگهن ۽ اهڙن ڇڙواڳ پٺاڻ ڊرائيورن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎

هڪڙي چٺي وزيراعظم عمران خان جي نانءُ!

  جيئن ته اسان جي ملڪ جو دارو مدار زراعت تي آھي، اها شايد توهان کي خبر هوندي پر افسوس توهان جي حڪومت ۾ ظلم به زراعت اپائندڙ ھارين، زميندارن ۽ آبادگارن سان ٿي رهيو آھي، جيڪي نه گرمي ڏسن نه سردي ڏسن، نه طوفان ڏسن، ڏينهن رات هڪ ڪري لنڊيون لتاڙي پنهنجي جيءَ کي جوکي ۾ وجهي فصل تيار ڪري جيڏي مهل مارڪيٽ تائين پهچائين ٿا ته کين سندن جان مان وهيل پگهر جو به قدر نٿو ڪيو وڃي، جنس جو اگھه صنتڪار، ڪارخانيدار، پيڊين جا مالڪان پنهنجي من ماني ڪندي مرضي موجب مناسب اگھه نٿا ڏين، هينئر ڦٽين جي موسم هلندڙ آھي ۽ هتي مقصودو رند ۽ پسگردائي ۾ پيڊي مالڪان جون من مستيون عروج تي آھن، ڦٽي جو اگھه 3500 کان 4000 تائين ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته ڪاٽ ھڪ ڪلو جي جڳھ تي 2 ڪلو في مڻ کنئي پئي وڃي، جڏهن ته توهان جي حڪومت ۾ مهانگائي عروج تي آھي. غريب عوام جو جيئڻ ڏکيو بڻجي ويو آھي، ھڪ پاسي آبادگارن کي جنس جا اگھه صحيح نه پيا ڏنا وڃن ته ٻئي پاسي دوائن، يوريا ڀاڻ، ڊي اي پي جا اگه آسمان تي پهتل آھن. دوا جو ليٽر هڪ هزار وارو هينئر 2000 ۽ يوريا جيڪو 1600 سو رپيا هو اهو ھينئر 22 سئو کان 2500 جڏهن ته ڊي اي پي 3500 سئو وارو هئنير 6800 تائين پهچي چڪو آھي، هينئر چيٽ جو فصل ڊي اي پي کان سواءِ ٿيندو ڪو نه ۽ جڏهن ڪڻڪ جو فصل لهندو ان جو في مڻ 2000 کان به گهٽ هوندو، جنهن مان هڪ يوريا ڀاڻ جي ٻوري به نه ٺھندي. اسان جي اپيل آھي ته خدارا ڀاڻ ۽ دوائن جا اگھ لاٿا وڃن ۽ گهٽ اگھه وٺندڙ واپارين ۽ ڪارخانيدارن خلاف ڪارروائي وڃي ۽ آبادگارن سان ٿيندڙ ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ جو ازالو ڪيو وڃي.

ظھورحسين رند/ مقصودو رند، سانگهڙ

ٽنڊي محمد خان جي صحت کاتي ۾ انڌير نگري چرٻٽ راجا جو راڄ!

  ٽنڊي محمد خان جي صحت کاتي ۾ انڌير نگري چرٻٽ راجا جو راڄ قائم آهي، انتظامي حوالي سان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس ۾ آفيسرن جي ٻيگهي متل آهي، ميڊيڪل آفيسر ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسر عوام جي علاج معالجي بدران مقامي سطح تي انتظامي عهدن کي چنبڙيل آهن. اي پي آءِ جي شعبي جو ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن جنهن جي مقرري سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ ٿيل آهي پر ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي آرڊر کي باءِ پاس ڪندي کيس لوڪل ايڊجسٽمينٽ تحت ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ ڊيوٽي جا ڪرڻ بجاءِ اي پي آءِ جو ضلعي فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو. پوليو جي ضلعي فوڪل پرسن جو آرڊر صحت کاتي پاران بيسڪ هيلٿ يونٽ سيراڻي ۾ 17 گريڊ جي ميڊيڪل آفيسر طور ٿيل آهي، ڊي ايڇ آفيس ۾ ويٺل ميڊيڪل ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسر پنهنجي اصل عهدن تي ڪم ڪرڻ بجاءِ ڊي ايڇ او آفيس ۾ مليل عهدن ۽  سهولتن جا محتاج بڻيل آهن. ان حد تائين جو ڪورونا جي ڊاڪٽرن تي به اهڙيون نوازشون جاري آهن جيڪي ڪورونا سينٽرن بجاءِ ڊي ايڇ او آفيس ۽ ڊي ايڇ ڪيو ۾ موج مستيون ڪرڻ ۾ پورا آهن پر کين ڪير به چوڻ وارو ناهي. عهدن جي اها سموري ورڇ ڊي ايڇ او جي مهربانين سان لوڪل ايڊجسٽمينٽ طور ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري ضلعي ۾ صحت جي سهولتن بابت عجيب مشڪري جو جهان قائم ٿيل آهي. غريب مريضن لاءِ اسپتال ۾ ڌڪن ۽ ٿاٻن کان سواءِ ڪجهه ناهي، ڪرڙين رپين جون دوائون تين وال ٿيو وڃن، سالن کان وٺي چمڙي جي بيماري جون دوائون ناهن، شهر جي سياسي، سماجي حلقن ۾ صحت کاتي جي اهڙي ڪارڪردگيءَ تي سخت ڳڻتي ڇانيل آهي. هتان جي سياسي ۽ سماجي حلقن سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي اعلي’ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته اهڙي قسم جي عملن ۽ جاري ٿيل آرڊرن جي مڪمل جاچ ڪرائي صحت کاتي ۾ انڌيرنگري واري قائم ٿيل راڄ جو سخت نوٽيس وٺي مسڪين، لاچار ۽ بي سهارا مريضن کي صحت جون مڪمل سهولتون مهيا ڪيون وڃن.

محمد اسلم سمون/ٽنڊومحمدخان

روڊ جي مرمت ڪرايو!

  نصرپور جو جڏهن اوج هوندو هو ته شاهي بازار وسندڙ هئي، آهستي آهستي شاهي بازار جو زوال شروع ٿيو ته ماڻهن مين بس اسٽاپ تي پنهنجو ڪاروبار منتقل ڪيو، جتي ماڻهن جي هر وقت اچ وڃ هوندي هئي. نصرپور جي هڪ پاسي جنهن کي درياءَ جو پيٽ به چوندا هئا جتي جھنگ هوندو هو ان کي گنگا چوندا هئا، شام جو ان پاسي ماڻهو وڃڻ کان لهرائيندا هئا، اتي گدڙ سيڙهه هوندا هئا، آهستي آهستي اتي به ماڻهن جھنگ کي وڍي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ هڪ پڪو روڊ به ٺهيو جنهن ڪري هتي سوزڪي اسٽاپ ۽ ٽانگا اسٽاپ ٺهيا، اڳتي هلي ٽانگن جو زوال ٿيو، بسون هلڻ لڳيون ان جي ڀر ۾ جنهن کي درياءَ جو پيٽ چوندا هئا اتي چوپايو مال بيهندو هو. شهر جو جڏهن لنڪ روڊ ٺهيو ته ماڻهن ان طرف رهڻ شروع ڪيو، هن کي وچ وارو رستو چئبو هوم هن روڊ جي ڪري تمام گھڻي سهولت ٿي پر ماڻهن هن روڊ جي ڪنارن کان گند ڇڏڻ شروع ڪيو آهستي آهستي انهن گھرن جو گندو پاڻي روڊ تي ايندو ويو، لکن جو روڊ ٽٽڻ شروع ٿي ويو، رڳو گندي پاڻي جي ڪري روڊ نه ٽٽو پر ماڻهن پنهنجي سهولت خاطر به هن کي نقصان پهچايو، هاڻي جيڪي ماڻهو هتان گاڏين ۾ گذرندا هئا اهي اتان نٿا گذرن، روڊ تي پاڻي بيٺل هوندو آهي، ماڻهو به جڏهن گٽرن جو پاڻي گھڻو ٿيندو آهي ته ان جو رخ روڊ طرف ڪري ڇڏيندا هئا، جنهن ڪري روڊ گندي پاڻي ۽ گند سان تار ٿي ويندو هو، ماڻهن کي سخت ڏکيائي ٿيندي آهي، هتان جيڪي شهر جا ماڻهو گذرن ٿا انهن جو اهو مطالبو آهي ته هن روڊ جي ٻيهر مرمت ڪرائي وڃي جيڪي هن روڊ جي ڀر ۾ رهن ٿا انهن کي سخت هدايت ڪئي وڃي ته اهي پنهنجي گھرن جو ڪچرو ۽ گندو پاڻي روڊ تي نه ڇڏين جيئن هي روڊ تباهه نه ٿين.

خادم گھراڻو/نصرپور

خدارا اسان جي ڳوٺ جو رستو صاف ڪرائي ڏيو!

  ڳوٺ ڍالو خاصخيلي جي بااثر وڏيري پاران گلشير خاصخيلي پاران ڳوٺ جو رستو بند ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو ڪافي ڀيرا ڳوٺ جي نيڪ مردن قاضي خاصخيلي، محمد علي خاصخيلي، رسول بخش خاصخيلي، حاجي نور محمد خاصخيلي ۽ ٻين بااثر وڏيري گل شير خاصخيلي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن جنهن ۾ هنن بار بار دانهيو آهي ته بااثر وڏيرو اسان جي ڳوٺ جي مين رستي تي ٻيٺل جهنگ وڍڻ نٿو ڏئي، جنهن ڪري اسان جي ڳوٺ جو اچ وڃ جو رستو بند ٿي ويو آهي، اسان جهنگ صاف ڪرڻ وڃون ٿا ته زميندار گلشير اسان کي ڌمڪائي واپس ڪريو ڇڏي ٿو، جنهن جون شڪايتون اسان ڊي سي مٽياري، ايس ايس پي مٽياري، ڊي ايس پي کيبراڻي ۽ ايس ايڇ او اوڏيرولال اسٽيشن سميت ٻين بالا آفيسرن کي ڏنيون آهن پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، رستو بند هجڻ ڪري اسان جي ٻارن جو اسڪول ۾ اچ وڃ ۾ سخت تڪليف ٿي رهي آهي، جنهن سبب انهن جو تعليم متاثر ٿي رهي آهي ان سواءِ جيڪڏهن ڳوٺ ۾ ميت وغيره ٿيندو آهي ته اسان کي ڳوٺ مان جنازو ڪڍڻ ۾ تمام ڏکيائي پيش ايندي آهي. ڳوٺاڻن ڊي سي مٽياري، ايس ايس پي مٽياري، ڊي ايس کيبراڻي ۽ ايس ايڇ او اوڏيرولال اسٽيشن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته بااثر وڏيري گلشير خاصخيلي خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسان جي ڳوٺ جو اچ وڃ جو رستو بحال ڪري اسان کي هن ڏکئي وقت مان نجات ڏياري وڃي.

شاهد خاصخيلي/ اوڏيرولال

بنيادي سهولتن کان وانجھيل ڪاڇي جي سار لهو!

  واهي پانڌي ڪاروبار لحاظ کان تمام گهڻو مشهور آهي، واهي پانڌي ڀرسان بلوچستان جا شهر موجود آهن، واهي پانڌي واسي واهي پانڌي رستي ذريعي ٻين شهرن ڏانهن ويندا آهن، واهي پانڌي سنڌ ۽ بلوچستان جو آخري سرحدي شهر آهي، روڊ نه هئڻ ڪري هن علائقي جا ماڻهو اڄ به ماضي جيان جانورن جو استعمال ڪري هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين پهچن ٿا واهي پانڌي ۾ بلوچستان جا ماڻهو گڏهن ۽ اٺن ۾ قافلي جي صورت پيش به کڻي اچن ٿا جن کي ساٿ به چون ٿا، پيش واهي پانڌي ۾ وڪرو ڪري رات گذارڻ کان پوءِ واري گهر لاءِ مهيني جو راشن سيڌو سامان خريد ڪري وري ساڳي قافلي جي صورت ۾ وڃن ٿا پر انهن کي پنڌ ۾ ٻه کان ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون لڳن ٿيون جتي رات پئي ٿي اتي گذارين ٿا، بس معمول موجب اهو سلسلو سالن کان وٺي اڄ تائين هلندو پيو اچي هن وقت دنيا تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي سنڌ ۽ بلوچستان حد وارا علائقا اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي

گريڊ هڪ کان چار تائين ڪڏهن نوڪريون ڏنيون وينديون!‎‎

  سنڌ سرڪار وقتي طور اعلان ڪندي رهي ٿي ته هڪ اسيڪل کان چار تائين نوڪريون ڏنيون وينديون پر هن وقت تائين انهن تي عمل ناهي ٿي سگهيو، آخر انٽر مٽرڪ پاس بيروزگار ڪيستائين انتظار جو اوسيڙو ۾ رهندا؟ هن وقت غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ پڙهيل لکيل نوجوان ان انتظار ۾ آهن ته سنڌ سرڪار نوڪريون جو اشتهارهلائي ته ان ۾ اپلاءِ ڪيون پر اهو اعلان تائين محدود رهندو آهي، ان تي اڄ ڏينهن تائين عمل ناهي ٿيو، آخر ڪڏهن سنڌ سرڪار انهن آسري ويٺل بيروزگارن جي خواهش پوري ڪندي گذريل ڪجھ سالن کان انهي انتظار جي سخت چادر اوڍي ويٺلن نوجوان جي ڏينهن به ڏينهن عمر وڌندي وڃي پئي پر سرڪار کي انهن نوجوانن جو ڪو خيال ناهي آيو، آخر نوڪريون هن حڪومت ۾ ملنديون يا ايندڙ الڪشن کان پوءِ اها خبر سنڌ سرڪار کي آهي پر نوجوان طبقو ان آسري جي سيج تي اڃا تائين ستل آهي، اڄ نه سڀاڻي نوڪريون جو اشتهار اخبار ۾ لڳندو شايد سرڪار اهو اعلان وساري ڇڏيو آهي.

ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور شهر

خالي پي سرڪاري ملڪيتون عوامي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪريو!

  ڪنهن به شهر جي سرڪاري ملڪيت، سرڪاري آفيسون اتان جي عوام جي سهولت لاءِ هوندي آهي، مثال طور راند جا گرائونڊ راندين لاءِ هوندا آهن، سبزي مارڪيٽ، فروٽ مارڪيٽ، گوشت مارڪيٽ، پبلڪ پارڪ وغيره هي سڀ اهڙيون جايون آهن جيڪي عوام جي سهولت لاءِ حڪومت پاران هر شهرن ۾ موجود هونديون آهن پر بدقسمتي سان حڪومت ۽ انتظاميا جي بيڌياني سبب زبون ٿي وينديون آهن يا ته ڪنهن بااثر ماڻهن يا سياسي ماڻهن جي قبضي هيٺ وڪرو ٿي وينديون آهن. ڪنڊيارو ۾ به اهڙيون کوڙ ساريون سرڪاري ملڪيتون موجود آهن جن جي سخت ضرورت هوندي به ڪنڊيارو جي عوام انهن سهولتن کان محروم آهي، ڇو ته انهن تي مقامي ۽ بااثر ماڻهن ۽ سياسي اثررسوخ رکندڙ ماڻهن جو قبضو آهي پر انتظاميا کي سڀ ڪجهه خبر هوندي به اڻڄاڻ بڻيل آهي. اهڙي هڪ ملڪيت ڪنڊيارو شهر جي وچ ۾ عيدگاهه روڊ تي موجود آهي جنهن کي پراڻي ايڪسائيز آفيس سڏجي ٿو، جيڪا ڪافي عرصي کان خالي پيل آهي، هن ايڪسائيز آفس کي استعمال ۾ آڻي ڪيترائي ڪم عوامي سهولتن لاءِ وٺي سگهجن ٿا، مثال طور تي هن وقت شهر ۾ وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي ريڙهي ۽ گاڏي وارن جو وڏو آزار آهي جنهن ڪري ٽريفڪ جام ٿيڻ روز جو معمول آهي، هن خالي پيل جاءِ کي استعمال ۾ آڻي فروٽ مارڪيٽ ۽ پارڪنگ وغيره ٺاهي سگهجي ٿي ته جيئن ريڙهي سبزي ۽ فروٽ وارا بيهي سگهن ۽ روزگار ڪري سگهن، ايئن ڪرڻ سان ڪنڊيارو جي عوام کي سهولتون به ملنديون ۽ روزگار به ملندو ۽ شهر ۾ وڌندڙ رش ۽ ٽريفڪ تي به ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. اهڙيون کوڙ ساريون سرڪاري ملڪيتون ڪنڊيارو شهر جي مک رستن تي موجود آهن، جن جي انتهائي سخت ضرورت هوندي به هو غير آباد ۽ ويران پيون آهن، سنڌ حڪومت ۽ ڪنڊيارو انتظاميا کي گرجي ته سرڪاري ملڪيتون خالي ڪرائي شهرين جي سهولت لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جهڙي بڻائين ته جيئن عوام فائدو حاصل ڪري سگهي.

ناظم ڪشميري /ڪنڊيارو

عدالتي رمارڪس ۽ سنڌ حڪومت!‎‎

  سنڌ هاءِ ڪورٽ هجي يا سپريم ڪورٽ، انهن عدالتن جا رمارڪس ڏاڍا دلچسپ ۽ حقيقت تي ٻڌل هوندا آهن، جنهن ۾ ڪجهه هن ريت آهن. سنڌ حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي، ڇو نه متاثرن کي وزيراعليٰ ھائوس ۾ رهايو وڃي،  شهرن کي کنڊر ڪري ڇڏيو آهي، حڪمران ڪراچي ۾ رهڻ ٿا پر اتي به گندگيءَ جا ڍير لڳل آهن،  ڇو نه اوهان کي لاڪپ ڪجي، سنڌ ۾ ڪرپشن جي انتها آهي، آفيسن کي رشوتن جي بازار ٺاهي ڇڏيو ويو آهي، سوين ارب رپيا بجٽ رکندڙ سنڌ سرڪار وٽ متاثرن جي بحالي لاءِ پئسا ئي ناهن، ڪهڙي گارنٽي آهي ته اوهان کي بحريه ٽائون جا پئسا ڏيون ۽ توهان ڪم ڪرائيندا. هن قسم جا ڪيترائي رمارڪس آهن جيڪي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي دوران ڏنا آهن پر هتي هڪ سوال پيدا ٿو ٿئي ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ کي جيڪڏهن خبر آهي ته فلاڻو وزير يا فلاڻو ادارو ڪرپٽ ترين آهي ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي سزائون ڇو نٿيون ڏنيون وڃن؟ جيڪڏهن عدالتن کي سڀ خبر هوندي به ڪيسن جي ٻڌڻين جون تاريخ تي تاريخ ڏئي وقت ۽ پئسو ڇو ضايع ڪيو پيو وڃي؟ ڇو تڪڙا ايڪشن نٿا ورتا وڃن؟ ڇو بي ڏوهي عدالتن جي درن جا ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن، جيڪڏهن سزا جو عمل ايئن ئي سست رفتاري سان هلندو ته رڳو حيرت انگيز ريمارڪس ٻڌي ڏند ڪڍي ماٺ ڪري ويهي تماشو ڏسڻ ئي بچندو.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

ڇا سنڌ حڪومت کي سچ ۾ شرم به آهي؟

تازو ئي سپريم ڪورٽ جو بيان سامهون آيو آهي ته سنڌ حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي، جي عوام جي خدمت نٿا ڪري سگهو ته گهر وڃو ۽ ٻين کي اچڻ ڏيو. سپريم ڪورٽ جي هن بيان جي جواب ۾ اسان صرف اهو پڇڻ چاهيو ٿا ته سچ ۾ سنڌ حڪومت کي شرم نالي ڪا شيءِ آهي؟ جڏهن آصف زرداري سنڌ جون زمينون کپائي غيرن جي حوالي ڪيون تڏهن به ته سنڌ سرڪار کي شرم نه آيو. ملڪ رياض جي هٿان هزارين سنڌين کي بحريا ٽائون جي ڪوڙن ڪيسن ۾  قيد خانن ۾ جڪڙيو  ويو ۽ سنڌ جي تعليم، صحت، روزگار، قدرتي وسيلن ۽ ملڪيتون تي جڏهن قبضا ڪيا ويا تڏهن به ته هنن کي شرم نه آيو. اڄ تائين ٿر ۾ معصوم ٻارڙا بک ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ موت اچي هر وقت لامارا ڏئي رهيو آهي اتي به ته سنڌ سرڪار کي شرم نه آيو. سنڌ جي تعليم تي تالا لڳايا ويا سنڌي ماڻهن کي جاهل ۽ هر وقت بيروزگار بڻائڻ جون سازشون ڪيون ويون اتي به ته سنڌ سرڪار جي آقائن کي شرم نه آيو. سنڌ تي افغانين جي لوڌ لاٿي وئي ۽ سنڌ ڌرتي غيرن حوالي ڪئي وئي، اتي به ته سنڌ سرڪار کي شرم نه آيو. اڄ به افغانين هٿان اسان جا سنڌي نوجوان سرعام شهيد ٿي رهيا آهن پر موجوده سنڌ سرڪار ۾ ويٺل حڪمرانن کي شرم نٿو اچي، سواءِ چند ماڻهن جي باقي سڀئي پنهنجي وڏي آقا کي خوش ڪرڻ ۾ رڌل آهن. سنڌ جي روڊن، اسڪولن ۽ اسپتالتن ۾ هر شيءِ جي کوٽ آهي اتي به سنڌ سرڪار کي شرم نه آيو. اڄ به نوجوانن کي سرعام کنڀي گم ڪري رياست جي هٿان مارايو پيو وڃي اتي به سنڌ سرڪار کي شرم نٿو اچي. معصوم ٻارڙن سان هر روز زيادتيون پيون ٿين ۽ وحشين، قاتلن اڳيان قانون بيوس ۽ غلام بڻيل آهي سنڌ سرڪار کي ان تي به شرم نٿو اچي. سنڌ سرڪار 2008ع کان پوءِ شرم نالي شيءِ ماري دفن ڪري ڇڏي آهي. هنن کي ڪرپشن، ڏاڍ، ظلم، جبر ۽ ڪرسي کان سواءِ ڪجهه به ياد ناهي. سپريم ڪورٽ جو جج صاحب چوي ته سنڌ سرڪار کي شرم اچڻ گهرجي. آئون سپريم ڪورٽ جي جج صاحب کان پڇان ٿو ته سائين شرم آخر ڪهڙي بلاءِ آهي ان جي سنڌ سرڪار کي ٿورڙو وصف به ٻڌايو.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول