ڪراچي (م ڊ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته آصف زرداري سمجهي ٿو ته هن سنڌ کي فتح ڪري ورتو آهي، هو سڄي سنڌ جو پاڻ کي مالڪ سمجهي ڌارين کي آباد ڪري رهيو آهي، وانا وزيرستان، باجوڙ، سوات مان ماڻهو آڻي آباد ڪيا پيا وڃن. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي قادر مگسي چيو ته ملڪ رياض هڪ ٽول آهي، اسان ملڪ رياض کي چئون ٿا ته پنهنجا ٽپڙ کڻي لاهور هليو وڃي، هي لکين ماڻهو پنهنجو وطن بچائڻ لاءِ هتي آيا آهن، اسان ڌرتي تي قبضا ڪرڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن زرداري حرڪتن کان پاسو نه ڪيو ايندڙ اليڪشن ڪميشن ۾ پ پ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڪالر کان پڪڙي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويندو. جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته سنڌ هن وقت ڏکئي دور مان گذري رهي آهي، سڀني ماڻهن کي متحد ٿي حق حاصل ڪرڻا پوندا، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي صنعان قريشي چيو ته سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي ملڪ رياض کي هتي آباد ڪري مقامي ماڻهن جون زمينون ڏئي رهي آهي. جسم چيئرمين رياض چانڊيو آهي ته بحريا ٽائون مڪمل طور غيرقانوني منصوبو آهي، هن غيرقانوني منصوبي کي ڊاهيو وڃي، سپريم ڪورٽ 2018ع ۾ به فيصلو ڏنو هو ته هي غيرقانون آهي، هن چيو ته وزيراعليٰ کان ويندي هر ملوث شخص خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، اڄ اسان ڌرتي تي آيا آهيون ته بحريا ٽائون سميت سموريون ميگا هائوسنگ اسڪيمون غيرقانوني آهن، هي غريب مسڪين سنڌين لاءِ گهر ناهن، هنن اسڪيمن ۾ ته غريبن جا گهر ڊهي رهيا آهن ۽ وري چيو پيو وڃي ته ترقي ٿي رهي آهي، هي ترقي جي نالي تي سنڌ تي تباهي مڙهڻ آهي، هن چيو ته سنڌ سرڪار ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ قافلن کي روڪڻ لاءِ رستا روڪ ڪئي وئي. ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته بحريا ٽائون اضافي زمين تي والار ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ به بحريا کي مليل زمين جي نشاندهي ڪري چڪي آهي، ان کان وڌيڪ والاريل زمين کي خالي ڪرايو وڃي، بحريا انتظاميه حدن ۾ رهي. هن چيو ته بحريا جي قبضي ۾ سهولتڪاري فراهم ڪندڙ سنڌ سرڪار سميت سمورن آفيسرن کي جيلن ۾ وڌو وڃي.