ڪراچي: ايم ڪيو ايم اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جمهوري احتجاج سڀني جو حق آهي پر هي سازش هئي جيڪا سنڌ حڪومت جي نڪ هيٺان ٿي. بهادرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه اظهار الحسن ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته جڏهن ماڻهن کي بيدخل ڪيو پئي ويو ته سنڌ حڪومت سهولتڪار هئي، ان وقت احتجاج ڪرڻ وارا ڪٿي هئا؟ ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙن پنهنجو سرمايو بحريا ٽائون ۾ لڳايو آهي، روينيو آفيسن ۽ وزيراعليٰ هائوس بجاءِ بحريا ٽائون تي حملو ڪيو ويو. هنن چيو ته عام ماڻهن جي ملڪيتن کي باهه ڏني وئي، ايم ڪيو ايم انهي تي خاموش نه ويهندي، حڪومت نقصان جو ازالو ڪري. هنن چيو ته هي اهي هئا جن 27 ڊسمبر تي ڪراچي کي ساڙيو هو، پوليس مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي، ڊي جي رينجرز قدم کنيا پر ان وقت دير ٿي چڪي هئي، پڪي جا ڌاڙيل هئا. هنن چيو ته واقعي جي جاچ ڪري دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پ پ دهشتگردن جي سرپرست هوندي.