سڊني (دلچسپ نيوز) آسٽريليا ۾ 17 فٽ ڊگهو ۽ 5 ڪلو وزني ارڙ نانگ بک سبب ٽوال ڳهي ويو، جنهن کي ڊاڪٽرن آپريشن ڪري ٻاهر ڪڍي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آسٽريليا جي رياست نيوسائوٿ ويلز ۾ هڪ عورت پنهنجي پالتو ارڙ نانگ کي کڻي جانورن جي اسپتال پهتي ۽ ٻڌايو ته سندس نانگ جو پيٽ ڪجهه ڏينهن کان غير معمولي نظر اچي رهيو آهي ۽ هي سست به ٿي ويو آهي.ڊاڪٽرن چيڪ ڪرڻ کان پوءِ ٻڌايو ته نانگ جي پيٽ ۾ ڪپڙو آهي جنهن کان پوءِ ان جو آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ڊاڪٽرن آپريشن کان اڳ نانگ کي بيهوش ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪئي. آپريشن دوران عورت به اتي ئي موجود رهي.