لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين آرمي چيف سان ملاقات جي ترديد ڪري ڇڏي، عمران خان انڪشاف ڪندي چيو آهي ته صدر عارف علوي جي جنرل باجوه سان ملاقات ٿي آهي، ملاقات جي ايجنڊا جلد ۽ شفاف چونڊون هئي، آرمي چيف جي مقرري چيف جسٽس پاڪستان وانگر ٿيڻ گهرجي. لاهور ۾ سينيئر صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته موجوده حڪومت پنهنجي فائدي لاءِ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري رهي آهي، آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري هي هٿياربند فوج کي پنجاب پوليس برابر آڻڻ چاهين ٿا، آرمي ايڪٽ ۾ ٿيندڙ ترميم اعليٰ عدليا ۾ چيلنج ٿي ويندي. نواز ليگ قائد کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي عمراخان چيو ته نوازشريف اهڙو آرمي چيف مقرر ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو مونکي نااهل ڪري ۽ نوازشريف جا ڪيس ختم ڪري کيس اقتدار ۾ آڻي. آرمي چيف سان ملاقات جي سوال تي عمران خان چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان منهنجي لاهور ۾ ڪابه ملاقات ناهي ٿي، صدر عارف علوي جي آرمي چيف جنرل باجوه سان ملاقات ٿي آهي، ملاقات جي ايجنڊا جلد ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ هئي،  هاڻ مڪمل اختيار ملندا ته وزيراعظم ٿيندس، اهو نه ٿو ٿئي ته اختيار هڪ وٽ هجن ۽ ذميواري ڪنهن ٻئي کي هجي. هن چيو ته اقتدار دوران نيب کي آئون نه پر ڪجهه طاقتور ادارا ڪنٽرول ڪندا هئا، ڊي جي آءِ ايس آءِ جو ڪم ئي نه هو ته اهو اقتصاديات تي وزيراعظم کي ليڪ ڏئي. عمران خان چيو ته چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڌانڌلي روڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، ووٽنگ مشين جي معاملي تي زرداري، نواز، اليڪشن ڪميشن ۽ هينڊلرز هڪ پيج تي هئا. ذريعن موجب عمران خان وڌيڪ چيو ته وزيرآباد حملي جي مرڪزي جوابدار کي 14 ڏينهن بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، مونکي خدشو آهي ته انهن 14 ڏينهن ۾ ثبوت ضايع نه ٿي وڃن، ق ليگ اسانجي اتحادي جماعت آهي، پرويز الاهي سان بهتر اتحاد هلي رهيو آهي، ايف آءِ آر داخل ٿيڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اڳوڻو آءِ جي پنجاب هو. پنهنجي صحت بابت عمران خان چيو ته ڊاڪٽر اڄ منهنجو طبي معائنو ڪري راءِ کان آگاهه ڪندا، جنهن راولپنڊي سان لانگ مارچ جي قيادت پاڻ ڪندس، ارشد شريف جي معاملي تي ظلم سڀني سامهون آهي، توشا خانه مان ڪا شئي خريدڻ بعد ان جو صوابديد آهي ته رکي يا وڪرو ڪري، آصف زرداري ۽ نوازشريف توشا خانه مان غيرقانوني طور گاڏيون ورتيون، توشا خانه ڪيس ۾ هنن مونکي عدالت ۾ وڃڻ جو موقعو ڏنو، آئون برطانيا ۽ آمريڪا جي عدالتن ۾ نجي ٽي وي خلاف ڪيس داخل ڪندس.