آئين جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، خدا جي واسطي آئين لاءِ گڏ ويهو: چيف جسٽس

0
149

چيف جسٽس عمر عطا بنديال ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن اليڪشن ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته سڀني کي خبر آهي ته آئين جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، خدا جي واسطي آئين جي لاءِ گڏ ويهو، اسان نه ڪي هدايتون پيا ڏيون ۽ نه ڪا ٽائيم لائين پيا ڏيون، عدالت مناسب حڪم نامو جاري ڪندي

چيف جسٽس چيو ته ڳالهين ذريعي حل نه نڪتو ته آئين به موجود آهي ۽ اسان جو فيصلو به موجود آهي

تحريڪ انصاف جي شاهه محمود قريشي روسٽرم تي اچي چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪو رابطو نه ڪيو ويو آهي، جي يو آءِ اڄ به ڳالهين کان انڪاري آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪيئن سمجهون ته حڪومت ڳالهين لاءِ سنجيده آهي

چيف جسٽس چيو ته اهي سياسي ڳالهيون آهن، اسان ڪيس جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيون، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اڄ به ڳالهين لاءِ ويهڻ لاءِ تيار آهيون، حڪومت آئين ۽ عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي جو فيصلو ڪري ورتو آهي

پيپلزپارٽي جي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته شاهه محمود قريشي جيڪا تقرير ڪئي ائين اتفاق راءِ نه ٿو ٿي سگهي، چيئرمين سينيٽ کي نالو ڏيو سڀاڻي ئي ويهڻ لاءِ تيار آهيون

چيف جسٽس چيو ته ڳالهين جي معاملي ۾ صبر ۽ برداشت کان ڪم وٺڻو پوندو، نالا ڏيڻ ۾ ڪهڙي سائنس آهي، ڇا حڪومت پنهنجا 5 نالا ڏنا آهن؟

فاروق ايڇ نائڪ چيو ته پي ٽي آءِ چاهي ته پنهنجا 3 کان 5 نالا ڏئي، حڪومتي نالا ٽن چئن ڪلاڪن ۾ فائنل ٿي ويندا

 سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي