آءِ بي اي سکر اسڪينڊل: شاگردياڻي جو ڪميٽي کي ڏنل وڊيو بيان سامهون اچي ويو!!

0
352

سکر: نقاب پھري آءِ بي اي جي شاگردياڻي بڻجي، آءِ بي اي انتظاميا مٿان وڊيو ۾ سنگين الزام ھڻندڙ سٽي اسڪول جي ميٽرڪ جي شاگردياڻي ايشا بلوچ جي ڪاميٽي آڏو ڏنل بيان واري وڊيو منظر تي اچي وئي آهي. وڊيو ۾ ايشا بلوچ جو چوڻ هو ته مونکي آءِ بي اي ۾ دوکي سان گھرائي مسجد ۾ وڊيو تيار ڪرائي وئي. ايشا پنھنجي ماءُ جي موجودگي ۾ ڪاميٽي آڏو بيان ڏنو ته مونکي بختاور گھرائي چيو ته ھڪ پراجيڪٽ لاءِ وڊيو ٺاھڻي آھي. ياد رهي ته ڪالهه آئي بي اي سکر جي انٽرني بختاور سومرو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته آئي بي اي جي مسجد ۾ مون وڊيو ٺاهي، يونيورسٽي انتظاميا مٿان لڳايل الزام درست هئا، رجسٽرار زاهد حسين کنڊ پاران حسين صديقي خلاف بيان ڏيڻ تي مون کي پروموشن،گهر ۽ گاڏي ڏيڻ جي لالچ ڏني وئي، آفر قبول ڪرڻ کان انڪار تي اغوا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، ايس ايس پي سکر عرفان سمون به ڌمڪيون ڏنيون ۽ بيان ڏيڻ لاءِ زور ڀريو ويو، مون حسين صديقي جو نالو دٻاءُ ۾ کنيو هو.
واضح رھي ته يونيورسٽي جي جاچ ڪاميٽي پاران جاچ بعد وڊيو اسڪينڊل جو مک ڪردارحسين صديقي کي قرار ڏئي، کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آھي جڏهن ته
حسين صديقي شوڪاز نوٽيس خلاف ھاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي، جنهن تي عدالت اسٽي جاري ڪندي ڌرين کان جواب طلب ڪيو آھي.