آءِ ايم ايف کان پاڪستان کي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي پهرين قسط ملي وئي

0
277
اسحاق ڊار خلاف ڪيس ٻيهر کلي ويو، عدالت طلب
اسحاق ڊار خلاف ڪيس ٻيهر کلي ويو، عدالت طلب

آءِ ايم ايف کان پاڪستان کي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي پهرين قسط ملي وئي، اسلام آباد  ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير  اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ 3 ارب ڊالر قرض پروگرام منظور ڪيو

هن چيو ته قرض پروگرام جي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر  جي پهرين قسط پاڪستان کي ملي وئي، آءِ ايم ايف پهرين قسط جا پئسا اسٽيٽ بئنڪ ۾ منتقل ڪري ڇڏيا آهن،پاڪستان کي 9 مهينن ۾ 3 ارب ڊالر ملندا

هن چيو ته پهرين قسط 1.2 بلين ڊالر اسٽيٽ بئنڪ جي ڊالر ۾ اڄ منتقل ڪيا ويا، باقي 1.8 بلين ڊلر ايندڙ مهينن ۾ مرحليوار ملندا، آءِ ايم ايف طرفان پهرين قسط ملڻ ملڻ بعد اسٽيٽ بئنڪ جي ريزرو  ۾ 4.2 بلين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي

ٻئي پاسي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته

پاڪستان کي هن ڀيري قرض پروگرام تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻو پوندو، ماضي ۾ قرض پروگرام جي پاليسيز تي عملدرآمد نه هئڻ سان مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيو

ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته  قرض پروگرام  جي پاليسيز تي عملدرآمد نه هئڻ ڪري پاڪستان جي ڏيهي توڙي پرڏيهي  ناڻي ذخيرن ۾ گهٽتائي آئي، پاليسيز تي عملدرآمد سان عدم توازن ختم ٿيندو

هن چيو ته  نئون اسٽينڊ هاءِ ارينجمينٽ پروگرام  پاڪستان لاءِ مائڪرو اڪنامڪ استحڪام آڻڻ جو موقعو آهي