ڪورونا سبب فوتگيون، ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ صحيح ناهي: فيصل سلطان

0
307
ڪورونا سبب فوتگيون

ڪراچي (م ڊ) صحت بابت اڳوڻي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا وائرس سبب فوتگين بابت صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو

هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته مون کي ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ کي تفصيل سان ڏسڻو پوندو، ڪورونا سبب فوتين جو انگ معلوم ڪرڻ لاءِ قبرستانن جو رڪارڊ به چيڪ ڪيو ۽ اهو رڪارڊ اسان پنهنجي سسٽم ذريعي چيڪ ڪيو

هن چيو ته اسان جو ڪورونا جي موت وارو رڪارڊ صحيح هو پر موت جو رڪارڊ 100 سيڪڙو صحيح هجڻ ممڪن ناهي ان ۾ 10 کان 30 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي پر 8 ڀيرا ناقابل اعتبار آهي

هن جو چوڻ هو ته ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ فرضي ڊيٽا تي ٻڌل آهي جيڪا مستند ناهي، ”هندستان ۾ آڪسيجن جي فراهمي ۾ مسئلا هئا پر اسان کي آڪسيجن ۽ بسترن جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پيو

ھي به پڙھندا

ڪورونا سبب فوتگين بابت ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو