قهر جي گرمي ۾ ٿڌاڻ ڏيندڙ گورک نٽهڻ ۾

0
118
قهر جي گرمي ۾ ٿڌاڻ ڏيندڙ گورک نٽهڻ ۾

  جيئن ته اها هر ڪنهن کي سڌ آهي ته دادو ضلعو سنڌ جي گرم ترين علائقن مان هڪ  آهي، جتي اونهاري ۾ ڏينهن جو گهر کان ٻاهر ڪنهن ڪم سانگي نڪرڻ لاءِ پهريان حفاظتي احتياطي اپاءُ وٺڻ توهان لاءِ اهم آهي، ڇو ته هڪ لُڪ ( جهولو) ۽ ٻيو گرمي جو زبردست ٽيمپريچر جتي 50 پلس هجي اتي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جان جوکي ۾ وجهڻ برابر آهي، ان لاءِ توهان کي ڪو ڪپڙو يا رومال پُسائي مٿي کي ويڙهڻ گهرجي جيئن سج جا گرم ۽ ساڙيندا شعلا توهان جي جسم سان سڌا سنوان نه ٽڪرائجن. هٿن تي گلوز پهريل هجن ته ڄڻ سون تي سهاڳي جو ڪم ٿيندو،اسان وٽ سمجهيو ويندو آهي ته گلوز  رڳو سيءَ جي موسم ۾پائڻ گهرجن. پر سخت گرمي ۾به توهان جي هٿن جي چمڙي رجائي سگهي ٿي ۽ توهان جي اکين تي حفاظت جي لاءِ چشمو به لازم هجي ۽ ان سان گڏوگڏ توهان وٽ پاڻي جو ذخيرو به موجود هجي ته پوءِ وڃي اوهان جو سفر اوهان جي لاءِ ڪجهه  خير عافيت وارو ثابت ٿيندو نه ته  ڳالھه ڳري آهي. هاڻي اسين اچون ٿا پنهنجي اصلي موضوع ڏانهن. اميد ته ٻاهريان دوست مٿين ڳالهين کي ذهن ۾ رکي پوءِ سفر ڪندا ته سفر سولو ۽ سهنجو ٿي پوندو. گورک هل اسٽيشن ضلعي دادو جي تعلقعي جوهي جي ڪاڇي واري پاسي اولھه طرف واقع آهي.

گورک جو دادو کان مفاصلو تقريبن 92 ڪلوميٽر آهي. گورک اها جاءِ آهي جيڪا ڏکويل دلين کي راحت ۽ قرار پهچائيندي آهي. جڏهن ماڻهو سخت گرمي واريون منزلون طئي ڪري  گورک جي فضائن ۾ آهستي آهستي داخل ٿئي ٿو ته هڪ عجيب ۽خوشگوار محسوسات پيدا ٿين ٿيون. ڇو ته گورک جي ٿڌي پر سڪون ۽ بغير ڪنهن گدلاڻ جي هوا جڏهن انسان جي جسم سان ٽڪرائجي ٿي ته انسان خود به خود سوچڻ تي مجبور ٿي پوي ٿو ته ڇا واقعي اسين هن قهر جي گرمي ۾  سنڌ جي دادو ضلعي جي پهاڙي قطارن ۾ آهيون يا اسين ڪو خواب ٿا ڏسون.؟اتي پهچڻ کانپوءِ سموري سفر جو ٿڪ هڪ پل ۾لهي ٿو وڃي.  سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهو گورک هل اسٽيشن کي ڪوهه مري سان تشبيھه ڏين ٿا ته هي گورک سنڌ جو ڪوهه مري آهي۽ بلڪل اها هڪ حقيقت به آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءَ نه آهي. هڪ اهڙي خوبصورت جڳھه جيڪا ڪيترن ئي ايڊوينچرن سان مالا مال آهي، جنهن ۾ قدرتي جبلن جي مختلف قسمن جا منظر ،زگ زيگ چاڙهيون جيڪي سفر کي ڪٿي دشوار ته ڪٿي من موهيندڙ بنايو ڇڏين. خاول لڪ جون 24  مزيدار چاڙهيون ۽ ان سان لڳو لڳ هينگڻ جو چشمو ۽ گورک جي قدرتي ساوڪ جي ڏسڻ جو  مزو ئي پنهنجو آهي، وري جڏهن اسين گورک جي ٽاپ يعني چوٽي تي پهچون ٿا ته اتي به زبردست قسم جا منظر اسان کي ڏسڻ لاءِ ملن ٿا.

مان هتي صرف قدرتي طور جيڪي منظر آهن انهن کي هاءِ لائيٽ ڪيان ٿو ۽ جيڪي آرٽيفيشل منظر تيار ڪيا ويا آهن انهن جو ذڪر ڪرڻ بيحد ضروري آهي پر سياحن کي صرف قدرتي منظر وڻندا آهن انهن جي ڳالهه ڪرڻ نهايت اهم سمجهان ٿو. گورک جي اولھه واري پاسي بلوچستان صوبي جي جبلن جون وڏيون وڏيون قطارون ۽ اتي مختلف هيٺاهين ۾ رهندڙ اتان جي ماڻهن جا ڪکاوان گهر جيڪي پتڪڙا نظر اچن ٿا ۽ وري جڏهن انهن گهرن کي ماڻهو ڳولي هڪ ٻئي کي ٻڌائين ٿا ته او اهو منهه ڇپر لانڍي جيڪا  جبل جي ڪنڊ ۾ آهي توهان ڏٺي آهي يا نه اچو ته مان توهان کي ڏيکاريان. اها اتي پهچندڙ ماڻهن جي  ڪچهري ڪنهن مزي کان خالي نه آهي، پوءِ ماڻهو ويچارو هڪ عجيب سوچ ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. اسين وڏن وڏن شهرن ۾ جتي زندگي گذارڻ جون سڀ سهولتون ميسر  آهن جتي لگزري گاڏيون انٽرنيٽ جو استعمال مختلف کاڌن جا هوٽل وڏا وڏا شاپنگ مال آهن پوءِ به اسين اتي خوش نه آهيون. هي هتي جبلن ۾ جتي ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت نه آهي ۽ نه وري ويجهي مستقبل ۾ انهن کي سهولت ملڻ جي ڪا به اميد آهي ۽ هي ڪيئن ۽ ڪٿان کاڌ خوراڪ واريون شيون وٺي ايندا هوندا ۽ هنن جون عورتون ڪيئن ڊليوريون ڪرائينديون هونديون ۽ هي فوتگي تي ڪيئن هڪ ٻئي کي خبر ڏيندا هوندا ؟اهي سڀ سوال ماڻهن جي ذهن ۾ پاڻ مرادو اچي وڃن ٿا.

وري اوڀر واري پاسي نظر ڦيرائبي ته نئين گاج جو پاڻي ور وڪڙن ۾ وهندي اسان کي نظر ايندو ۽ رات جو وري پري پري سنڌ جي روڊن تي هلندڙ گاڏين جي لائيٽن جون وڏيون قطارون نظر اينديون ته هي فلاڻو روڊ آهي نه ادا هي فلاڻو روڊ آهي. اهڙين خوبصورت ڪچهرين ۾ ئي رات گذري ويندي آهي  ۽ صبح ڪر کڻي نروار ٿي پوندو آهي ۽ ڪچهري ڪرڻ ۾وقت جي به خبر نه پوندي آهي ته ڪيتري رات گذري وئي.  ڇو ته گورک جي زبردست موسم جتي ٿڌ توهان کي ڪمبل ويڙهڻ تي مجبور ڪري اتي وقت جو پتو نه پوندو آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته گورک کي ڪيئن ترقي وٺرائجي؟ اسان جا ماڻهو اڪثر اها شڪايت ڪندا آهن ته گورک تي جيڪي شيون ماڻهن جي استعمال جون آهن اهي مهانگيون ٿيون ملن، ماڻهو خرچ نه ٿا برداشت ڪري سگهن، اهو سوال يا شڪايت ڪنهن حد تائين  درست آهي ڇو ته مهانگائي هر جاءِ تي آهي رڳو گورک تي نه آهي. ان پاسي تي به غور ڪرڻ گهرجي پر اصل ڳالھه اها آهي ته اسان کي گورک جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ به سوچڻ گهرجي ته اتي ڇا ڇا هئڻ گهرجي جو گورک ترقي ڪري سگهي.

سڀ کان پهريائين اتي پهچ کي آسان بڻايو وڃي جيئن ماڻهو بي خوف سفر ڪري سگهي ۽ ٻيو اتي چيئر لفٽون لڳايون وڃن ته جيئن سياحن کي وڌيڪ لطف اچي ۽ اتي گورک جي مڪمل هسٽري لکيل هجي جيئن عام ماڻهو کي پتو پوي ته گورک ڇا آهي ۽ بارشن جي سيزن ۾ رستي تي سرڪاري ملازم هجن جيڪي سياحن کي مڪمل ڄاڻ ڏين. پاڻي گهڻو ٿي وڃي ته ڇا ڪرڻ گهرجي، رستي جي پاسن تي مختلف قسم جا دڪان هجن ،جنهن ۾ ٽرانسپورٽ جو سامان ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان ملي سگهي ۽ ٻي اهم ڳالهه ته رستو اتان ٺهرائجي جتان مفاصلو گهٽ ۽ روڊ محفوظ هجي. هن مهل جتان رستو ٺهرايو ويو آهي اتان جبلن تائين پهچڻ کان پهرئين تقريبن 24 پاڻي جي وهڪرن مان گذرڻو ٿو پوي ۽ نتيجي ۾ سياح دلشڪسته ٿي پوي ٿو ڇو ته اڳتي جبلن جا وهڪرا رهيل آهن ۽ هميشه جيان روڊ هر سال تباھه ۽ برباد ٿي وڃي ٿو ۽ سياحن کي مفت ۾ مشقت برداشت ڪرڻي ٿي پوي.

روڊ جي ڀرسان جيڪي پوليس جا ٿاڻا ٺهيل آهن اتي جلدي ۾ پوليس مقرر ڪئي وڃي هڪ موبائل گاڏي رستي تي ريسڪيو جي لاءِ هجي جتي ڪو اوچتو حادثو ٿي پوي ته ان جي فوري واهر ڪئي وڃي. گورک جي ٽاپ تي هڪ زبردست اسپتال هئڻ گهرجي جتي هر وقت ڊاڪٽر ٻيو عملو ۽ دوائون هجن جيڪي مريضن کي ملي سگهن. ۽ گورک کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جي لاءِ  اتي وڻ ۽ ٻوٽا پوکيا وڃن ۽ گورک تي سرڪاري طور تي پلاٽنگ ڪئي وڃي جيئن عام ماڻهو اتي پنهنجو گهر وٺي ويهي. انهن مٿين ڳالهين تي جيڪڏهن خوش اصلوبي سان عمل ڪيو ويندو ته هڪ ڏينهن گورک پاڻمرادو ڪر کڻي بيهندي  جيڪا هن مهل ترقي جي نپوڙيل ابتدائي مرحلن مان لڏي لمي گذري رهي  آهي. صرف حقيقي ۽ جٽادار مالڪي جي ضرورت آهي جيڪا پري پري تائين ڏسڻ ۾ نه پئي اچي.