ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميونسپل ڪارپوريشن جي ماتحت هلندڙ اسپتالن جي ڊاڪٽرز، نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل عملي پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي، هليٿ عملي پگهارن جي ادائگي، الائونسز جي ادائگي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو، اڳتي وڌڻ تي پوليس احتجاج ڪندڙن کي ڦوهارو چوڪ ويجهو روڪي ورتو.