ڌاٻيجي: سيد نواز شاھ ڀاڏائي جي زرعي فارم تي پوليس چڙھائي، 2 ڄڻا کنڀي گم

0
246
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

ڌاٻيجي(ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين سيد نواز شاھ ڀاڏائي جي زرعي فارم تي پوليس جي چڙھائي، سيد نوازشاھ جي غير موجودگي ۾ اوطاق تي ويٺل 2 مھمانن کي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو، بحريا ٽائون خلاف احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن ڪارڪنن کي ڌرڻي ۾ شرڪت نه ڪرڻ لاء ڌاٻيجي ۾ روڪيو ويو ھيو جنھن کانپوءِ ڪارڪنن مذاھمت ڪري رڪاوٽون ھٽائي ڌرڻي لاءِ روانا ٿيا ھئا، جنهن جو ڌاٻيجي ٿاڻي تي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ جئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي سميت غلام نبي کٽي، جسم ضلعي صدر امجد شورو ۽ ٻيا شامل آهن. نواز شاھ ڀاڏائي چيو آھي ته پ پ سرڪار جھموريت جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آھن ڪالھ کان وٺي مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا مار مھم جاري آھي منھجي خاندان کي حراسان ڪيو پيو وڃي اڄ منھجي زرعي فارم تي ڪاھ ڪري ضروري حاجت سان آيل ٻه مسافر کڻي گم ڪيا ويا آھن مشرف ۽ ضياء جي مارشلا کان وڌيڪ خطرناڪ حالتون پيدا ڪيون ويون آھن