حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) حيدرآباد هاءِ وي ڊويزن آفيس تي اينٽي ڪرپشن ڇاپو هنيو، گھربل رڪارڊ نه ملي سگھيو، ايڪسين ۽ ڪلارڪ کي معطل ڪيو ويو. ان ڏس ۾ اينٽي ڪرپشن سرڪل پوليس حيدرآباد اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شفاعت مرزا جي سربراهي ۾ ڊسٽرڪٽ هاءِ وي ڊويزن جي آفيس تي اوچتو ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران پوليس ايڪسين هاءِ وي شاهه زمان شيخ ۽ ٽينڊر ڪلارڪ محمد امين جي آفيسن ۾ گهربل رڪارڊ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پوليس کي اهو رڪارڊ هٿ نه اچي سگهيو. اينٽي ڪرپشن پوليس جي انسپيڪٽر منظور ميمڻ جو چوڻ آهي ته ٺيڪيدار وسيم عرساڻي درخواست ڏني هئي ته اين آءِ ٽي نمبر، ٽي سي/جي-2021/747/55 ۾ ڪروڙين رپين جا ٽينڊر من پسند ٺيڪيدارن کي ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ايڪسين شاهه زمان شيخ ۽ ٽينڊر ڪلارڪ محمد امين وقت کان اڳ ٽينڊر کوليا آهن جيڪو عمل سيپرا جي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب ڇاپي دوران کين آفيس ۾ موجود سينيئر ڪلارڪ علي اصغر راڄپر ٻڌايو ته کاتي ايڪسين شاهه زمان شيخ کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته ٽينڊر ڪلارڪ امين کي پڻ معطل ڪيو ويو آهي، جيڪي ڄاڻايل ٺيڪن جو رڪارڊ به پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا. اينٽي ڪرپشن پوليس اهو به ٻڌايو ته انهن ڇاپي بعد رڪارڊ هٿ ۾ اچڻ تي کاتي کي لکيو آهي ته هو 9 جون تي سمورو رڪارڊ اينٽي ڪرپشن پوليس وٽ جمع ڪرائي. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ حددخليون هٽائڻ دوران ڪيترن ئي علائقن جا روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي پيا هئا جن جي تعمير لاءِ عدالت حڪم ڏنو هو. عدالتي حڪم جو جواز ڄاڻائي ايڪسين هاءِ وي ڊويزن شاهزمان شيخ ڄاڻايل روڊن جي تعمير لاءِ ڪروڙين رپين جا ٽينڊر جاري ڪيا جيڪي هن مبينا ڪرپشن لاءِ من پسند ٺيڪيدارن کي ڏنا. ڇاپي ۾ رڪارڊ هٿ نه اچڻ تي عملدارن کي سڀاڻي رڪارڊ فراهم ڪرڻ لاءِ ليٽر به لکي ڇڏيو آهي.