ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا سان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ فخر زمان مڊل آرڊر ۾ به بيٽنگ لاءِ تيار آهي. ڏکڻ آفريڪا سان ون ڊي ميچز ۾ 2 سيچريون ٺاهي مين آف دي سيريز جو اعزاز حاصل ڪندڙ فخر زمان جو چوڻ آهي ته ڪنڊيشنز کي نظر ۾ رکندي شروعاتي 6 اوورز ۾ وڪيٽ بچائي رکڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي، ورچوئل ميڊيا ڪانفرنس ۾ هن چيو ته نئين بال کي ميرٽ جي بنياد تي منهن ڏنو، سيٽ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي نيچرل انداز سان بيٽنگ ڪئي، ان جي ڪري وڪيٽ تي گهڻو وقت بيهڻ ۽ پرفارم ڪرڻ جو موقعو مليو.