وزيراعظم جي خاص معاون سردار يار محمد رند پاران استعيفيٰ جو اعلان

0
1321

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ يار محمد رند پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيٽ موجب يار محمد رند وزيراعظم عمران خان جو بلوچستان ۾ آبي وسيلن، بجلي ۽ پيٽروليم واري وزارت جي معاملن بابت خاص مددگار آهي

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي يار محمد رند چيو ته هن ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏني هئي. سردار يار محمد رند چيو ته بلوچستان جي معاملي تي وفاقي وزيرن ڪڏهن به مون سان رابطو نه ڪيو، بلوچستان جي مسئلي تي ڪنهن به اجلاس ۾ مون کي دعوت ڏيڻ جي به زحمت نه ڪئي

سردار يار محمد رند چيو ته اڳ ۾ وزيراعظم جي يقين ڏيارڻ تي استعيفيٰ واپس ورتي هئي پر هاڻي استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو حتمي آهي. ياد رهي ته يار محمد رند بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف بلوچستان چيپٽر جو صدر پڻ آهي

ھي بھ پڙھندا

ڪوئيٽا: تعليم واري وزير سردار يار محمد رند پاران استعيفيٰ جو اعلان

پي ٽي آءِ پاران يار محمد رند کي وڏي وزير طور اميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو