موري ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب همراهه فوت

0
183

مورو(ن پ ا) مورو شھر جي دستگير ڪالوني م محمد ياسين جٽ کي اسڪول جي موٽر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، محمد ياسين جٽ گدامن واري گرلس اسڪول ۾ پٽيوالو هو اسڪول جي موٽر مان کيس ڪرنٽ لڳو، جنهن کي تعلقہ اسپتال مورو آندو ويو جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد سندس وارش لاش گهر کڻائي ويا.