ڪورونا: آمريڪا جو پاڪستان، مالديپ ۽ سريلنڪا کي ھنگامي امداد موڪلڻ جو اعلان

0
391

واشنگٽن (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪا پاڪستان، مالديپ ۽ سريلنڪا کي ڪورونا کي منھن ڏيڻ لاءِ ھنگامي امداد موڪلڻ جو اعلان ڪيو آھي، ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ آمريڪي پرڏيھي وزير چيو آھي تھ ڪورونا جي بحران جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آمريڪا متاثر ملڪن جي مدد جاري رکندو، آمريڪا وبا کي منھن ڏيڻ لاءِ نان اسٽاپ ڪم ڪريون پيا، پاڪستان، مالديپ ۽ سريلنڪا کي ڪورونا وائرس کي منھن ڏيڻ لاءِ امداد موڪلي رھيا آھيون.