سنگين ڏوهه ثابت ٿيڻ کانپوءِ به عمران خان کي عبرت جو نشانو نه بڻايو ويو ته ملڪ جي تباهيءَ جو ذميوار اسان سڀني کي سمجهيو ويندو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جو عمران خان جي آڊيو ليڪ تي ردعمل
مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها ناهي ته پرڏيهي تربيت يافتا شخص ۽ فتني ملڪ جي قسمت سان راند کيڏي، اُن کي ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ لاءِ ائين ئي ڪرڻو هو، ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته عمران خان جهڙو غدار ائين ڪندو رهيو ۽ سڀ خاموش ٿي ڏسندا رهيا
عمران خان ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي، ثاقب نثار جهڙن ماڻهن کيس صادق ۽ امين قرار ڏنو، ڪهڙو ڏوهه آهي، جيڪو عمران خان تي ثابت ناهي ٿيو، هو پاڻ چوي ٿو ته مون کي عوام سان کيڏڻو آهي
ھي به پڙھندا