سڪرنڊ: سڪرنڊ ويجهو روهڙي ڪئنال مان عطر موري وٽان هڪ نامعلوم شخص جو چار پنج ڏينهن پراڻو لاش ھٿ آيو آھي جنهن جو اطلاع ملڻ تي پي ڪي پوليس ڪئنال مان لاش ڪڍرائي اسپتال آندو جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آھي جڏهن ته لاش ڪجهه ڏينهن پراڻو هجڻ ڪري سرد خاني منتقل ڪيو ويو آھي.