ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم جو اماڻيل شوڪاز نوٽيس ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو، ستن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ سي اي سي جي اجلاس ۾ پي ڊي ايم ۾ رهڻ يا ڌار ٿيڻ جو فيصلو نه ٿي سگهيو، اجلاس ۾ شريڪ سي اي سي جي ميمبرن پارليامينٽ کان استعيفائن بابت
پي ڊي ايم جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، سي اي سي جي ميمبرن نواز ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان تي سخت تنقيد ڪئي، يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر طور ڪم جاري رکڻ جي هدايت، ڪالهه بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ ٿيل پ پ جي سي اي سي جي اجلاس ۾ آصف علي زرداري وڊيو لنڪ تي شريڪ ٿيو،جڏهن ته فريال ٽالپر، فرحت الله بابر، يوسف رضا گيلاني، شيري رحمان، قائم علي شاهه، مخدوم احمد محمود، قمرالزمان ڪائر، شازيا عطا مري، رحمان ملڪ سميت ٻين اڳواڻن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي سيڪريٽري جنرل پاران اماڻيل شوڪاز نوٽيس پڙهيو ويو، جيڪو پڙهڻ بعد بلاول ڀٽو زرداري حوالي ڪيو ويو، جنهن اهو نوٽيس ڦاڙي ڇڏيو، انهي نوٽيس ڦاڙڻ دوران سي اي سي جي سمورن ميمرن تاڙيون وڄائي پارٽي چيئرمين جي اهڙي عمل جي حمايت ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائيندي چيو ته اسان هميشه عزت خاطر سياست ڪئي آهي، جهموريت لاءِ اسان کان وڌيڪ قربانيون ڪنهن ناهن ڏنيون، پنهنجي ۽ پارٽي جي عزت تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، جنهن بعد اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي اسيمبيلن مان استعيفائين واري معاملي تي غور ويچاري ڪيو ويو، سي اي سي جي سمورن ميمبرن آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان مخاطب ٿيندي چيو ته پ پ هميشه پارليامينٽ جي مضبوطي ۽ جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن ۽ انهن ايوانن جي وجود ۾ اچڻ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، ان ڪري پ پ پارليامينٽ مان استعيفائون ڏيڻ بدران پارليامينٽ ۾ اندر رهي ڪري حڪومت جو مقابلو ڪري، اجلاس جي ميمبرن چيو ته اسان قومي اسمبلي، سينيٽ ۽ ٽن صوبن جي اسيمبلين اندر حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏينداسين ۽ مراد علي شاهه جو سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ سي سي آءِ ۽ ٻين ملڪي فورمن تي هجڻ لازمي آهي، اجلاس ۾ يوسف رضا گيلاني آڇ ڪندي چيو ته جيڪڏهن پارٽي سمجهي ٿي ته پي ڊي ايم سندس اپوزيشن ليڊر هجڻ سان ٽٽي ويندو ته آئون سينيٽ جي اپوزيشن ليڊر واري عهدي تان استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، جنهن تي ميمبرن چيو ته نواز ليگ ئي اوهان کي سازش ڪري وزيراعظم واري عهدي تان هٽرائي نااهل ڪرايو هو، ان ڪري اوهان ان عهدي تي پنهنجو ڪم جاري رکو، اجلاس ۾ پي ڊي ايم ۾ رهڻ يا ان کان ڌار ٿيڻ بابت تفصيلي بحث ڪيو ويو، ميمبرن بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري تي زور ڀريو ته نواز ليگ ۽ فضل الرحمان جون غير ضروري فرمائشون پوريون نه ڪيون وڃن، ڪو به حتمي فيصلو نه ٿيڻ سبب سي اي سي جو اجلاس اڄ ٻئي ڏينهن به جاري رهندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ٽوئيٽ ڪندي چيو ته سي سي اي جو اجلاس اڄ صبح ٻيهر ٿيندو، اجلاس کانپوءِ منجهد جو ميڊيا کي بريفنگ ڏني ويندي، پ پ چيئرمين اڄوڪي سي اي سي اجلاس جي ايجنڊا به جاري ڪري ڇڏي، ايجنڊا ۾ پي ٽي آءِ، آءِ ايم ايف ڊيل ۽ اسٽيٽ بينڪ آرڊيننس سرفهرست آهن، ايجنڊا ۾ ڪشمير بابت پي ٽي آءِ حڪومت جي منجهيل پاليسي، حڪومت خلاف ايندڙ حڪمت عملي ۽ استعيفائن جي تجويز به شامل آهن.