ڪراچي: سون 1500 رپيا مهانگو ٿي ويو، ڊالر 223 رپين تي بيٺل، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1500 رپين جي واڌ سان 145500 مان 147000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 1714 ڊالر في آئونس رهيو
ٻئي طرف چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾223 ۽ انٽر بينڪ ۾ 0.88 رپين جي واڌ سان 218.98 مان 219.86 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 256 ۽ يورو 220 رپين تي برقرار رهيا
ھي به پڙھندا
ڪراچي ۾ اوچتو کير 10رپيا مهانگو: نئون اگهه 180 رپيا لٽر ٿي ويو