صدر آصف زرداري پاران اپوزيشن جي گوڙ ۾ خطاب: سياسي پارٽين کي مفاهمت جو نياپو، اختلافن کي گڏجي حل ڪرڻ جو مشورو

0
31
صدر آصف زرداري پاران اپوزيشن جي گوڙ ۾ خطاب: سياسي پارٽين کي مفاهمت جو نياپو، اختلافن کي گڏجي حل ڪرڻ جو مشورو
صدر آصف زرداري پاران اپوزيشن جي گوڙ ۾ خطاب: سياسي پارٽين کي مفاهمت جو نياپو، اختلافن کي گڏجي حل ڪرڻ جو مشورو

صدر آصف زرداري پاران اپوزيشن جي گوڙ ۾ خطاب دوران سياسي پارٽين کي مفاهمت جو نياپو، اختلافن کي گڏجي حل ڪرڻ جو مشورو، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو آهي ته اسان وٽ وقت ضايع ڪرڻ لاءِ نه آهي، جيڪي ڏکيائيون آهن، اُنهن ۾ اختلاف گڏ کڻي نٿا هلي سگهون، اسان سڀني کي هڪ وِک پوئتي هٽڻو پوندو، فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ ۽ قوم لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ڇا آهي، سوچڻو پوندو ته پنهنجي مقصد، بيانيي ۽ ايجنڊا ۾ ڪهڙي شيءِ کي ترجيح ڏيون ٿا، گڏجي اڳتي وڌنداسين ته جمهوريت مصبوط ٿيندي، حقيقي ڪوشش ڪريون ته سياسي پارو گهٽائي سگهجي ٿو، ملڪ کي هاڻوڪي سياسي بحران مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي، اهڙو سياسي ماحول جوڙڻو آهي، جنهن ۾ سڀني جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن، پارلياماني نظام تي اعتماد لاءِ ٻنهي ايوانن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر جي خطاب دوران اپوزيشن جو گوڙ، اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪري نعريبازي، خطاب دوران باجو وڄائڻ تان جمشيد دستي ۽ قادر پٽيل تِکا ٿي ويا

پارليامنٽ ۾ اڄ هڪ غيرقانوني صدر جو خطاب ٻڌو، کيس صدر نٿا مڃون

پارليامنٽ ۾ اڄ هڪ غيرقانوني صدر جو خطاب ٻڌو، کيس صدر نٿا مڃون، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن جي صدر جي خطاب تي تنقيد، بئريسٽر گوهر چيو آهي ته آصف زرداري غيرقانوني صدر آهي، وٽن عوامي نمائندگي نه آهي، صدر هڪ سياسي پارٽي جي سربراهه جو به ڪم ڪري رهيو آهي، ڇا عارف علوي ڪڏهن سياسي سرگرمين ۾ ويو هو، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته صدر آصف زرداري پ پ چيئرمين جي عهدي تان استعيفيٰ نه ڏني آهي، اسان کيس قانوني صدر نٿا سمجهون