پارليامينٽ جو اڄ شام گڏيل اجلاس، صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندو

0
24
پارليامينٽ جو اڄ شام گڏيل اجلاس، صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندو
پارليامينٽ جو اڄ شام گڏيل اجلاس، صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندو

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ شام 4 وڳي ٿيندو، جنهن کي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندو

گڏيل اجلاس ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان، چئني صوبن جي گورنرز ۽ وڏن وزيرن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سميت آرمي چيف کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خصوصي طور شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، گلگت بلتستان جي گورنر ۽ وڏي وزير جي به شرڪت جو امڪان آهي

اجلاس ۾ چئني صوبائي اسيمبليز جي اسپيڪرز، اسپيڪر آزاد ڪشمير ۽ گلگت-بلتستان جي اسپيڪر کي به دعوت ڏني وئي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس لاءِ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا

ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ هائوس ۾ پاس کان سواءِ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي