نواز ليگ صدر شهباز شريف وزيراعظم چونڊجي ويو

0
43

اسلام آباد: قومي اسيمبلي نواز ليگ جي صدر شهباز شريف کي 16 هون قائد ايوان ۽ ملڪ جو 24هون (نگران وزيراعظمن کي گڏائي مجموعي طور تي 33هون) وزيراعظم چونڊي ورتو

قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار ياز صادق قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي لاءِ چونڊ نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته شهباز شريف 201 ووٽ کڻي وزيراعظم پاڪستان چونڊجي ويو، جڏهن ته ان جي مخالف ۾ بيٺل اميدوار عمر ايوب خان 92 ووٽ حاصل ڪيا

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ چونڊجي ويل وزيراعظم شهباز شريف خطاب ڪري رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي خطاب دوران مسلسل مخالف ڌر جي ميمبرز طرفان احتجاج ڪندي گوڙ ڪيو پيو وڃي، چور چور جا نعرا هنيا پيا وڃن

هي به پڙهندا

هڪ ٽولو اڃا تائين ملڪ، فوج ۽ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: شهباز شريف