پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سينيٽ جي اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو
گيلاني هائوس جي ترجمان موجب يوسف رضا گيلاني 14 مارچ تي سينيٽ جي اليڪشن ۾ حصو وٺندو، ان سلسلي ۾ هن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن
اليڪشن ڪميشن ۾ نامزدگي ڪاغذ سندس وڪيلن طرفان جمع ڪرايا ويا، قومي اسيمبلي ۾ يوسف رضا گيلانيءَ جي خالي سيٽ تي اليڪشن ڪير وڙهندو، اهو فيصلو پارٽي قيادت ڪندي
هي به پڙهندا
هڪ ٽولو اڃا تائين ملڪ، فوج ۽ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: شهباز شريف