سائفر الزام ڪوڙو قرار، عمران جي حڪومت ناهي ڪيرائي، پاڪستان ۾ چونڊ ڌانڌلي جي جاچ ٿيڻ گهرجي: ڊونلڊ لو

0
77
سائفر الزام ڪوڙو قرار، عمران جي حڪومت ناهي ڪيرائي، پاڪستان ۾ چونڊ ڌانڌلي جي جاچ ٿيڻ گهرجي: ڊونلڊ لو
سائفر الزام ڪوڙو قرار، عمران جي حڪومت ناهي ڪيرائي، پاڪستان ۾ چونڊ ڌانڌلي جي جاچ ٿيڻ گهرجي: ڊونلڊ لو

واشنگٽن (م ڊ) ڏکڻ ايشيا بابت آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو پاران سائفر سازش بابت پي ٽي آءِ باني جا الزام رد، ڊونلڊ لوُ چيو آهي ته عمران جو آمريڪي سازش جو الزام ڪوڙو آهي، پي ٽي آءِ باني جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪوبه ڪردار ناهي، پي ٽي آءِ باني جا الزام ۽ سازش جو نظريو ڪوڙ تي ٻڌل آهن، پاڪستاني سفير اسد مجيد به تصديق ڪري چڪو آهي ته سائفر الزام ڪوڙو آهي، اهو الزام غلط آهي ته آمريڪا يا مون پي ٽي آءِ حڪومت خلاف قدم کنيو.  آمريڪي ڪانگريس ڪاميٽي ۾ چونڊن بعد پاڪستان ۾ جمهوريت جي مستقبل ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن بابت ٻڌڻي ٿي

سائفر ڪيس جو مرڪزي ڪردار اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊونلڊ لو به پرڏيهي ڪاميٽي آڏو پيش ٿيو،ڪاميٽي چيئرمين سوال ڪيو ته سيڪريٽري صاحب الزام آهي ته آمريڪي حڪومت وزيراعظم عمران خان کي حڪومت مان هٽائڻ جي سازش ڪئي آهي، ان تي اوهان جو ڇا چوڻ آهي؟ جنهن تي ڊونلڊ لو چيو ته هي الزام ۽ سازشي بيانيو بلڪل ڪوڙ آهي، مون پاڪستان ۾ سائفر بابت پريس رپورٽس جو جائزو ورتو آهي، هتان جي سفارتخاني مان مبينا طور ليڪ ٿيل سفارتي ڪيبل درست ناهي، ڪنهن به هنڌ ان ۾ آمريڪا يا مون تي ذاتي طور عمران خان خلاف قدم کڻڻ جا الزام ناهن، ان ميٽنگ ۾ موجود ان وقت جي پاڪستاني سفير پنهنجي حڪومت سامهون شاهدي ڏني ته اهڙي ڪا سازش  نه هئي، مون کي ان بابت ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان.  ڪاميٽي سوال ڪيو ته آمريڪا پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم جي روس دوري بعد کيس هٽائڻ جو چيو هو؟

جنهن تي ڊونلڊ لو چيو ته اسان اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان جي روس دوري بعد کيس هٽائڻ جو نه چيو هو، عمران کي اقتدار مان بيدخل ڪرڻ ۾ ڪوئي آمريڪي شهري ملوث نه هو، مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڊونلڊ لو چيو ته  پي ٽي آءِ باني جي ڪوڙن الزامن سبب گذريل ٻن سالن ۾ کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون، هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن اظهار جي آزادي کي تشدد ۾ تبديل ڪيو ويو اهو قبول ناهي، آمريڪا پاڪستان ۾ ڪنهن خاص حڪومت جي حمايت نٿو ڪري، پاڪستان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، اِن اصول جو به احترام ڪريون ٿا ته پاڪستاني عوام کي حق آهي ته پنهنجا نمائندا چونڊي، آمريڪي ايوانِ نمائندگان جي ڪاميٽي آڏو بيان ڏيندي ڊونلڊ لو چيو ته چونڊن ۾ بي ضابطگين جي شڪايتن کي ڏسڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، چاهيون ٿا اليڪشن ڪميشن شفاف طريقي سان ذميوارن جو احتساب ڪري، آمريڪا واضح چيو آهي ته پاڪستان ۾ اليڪشن بي ضابطگين جي شفاف آزاد جاچ چاهيون ٿا، اسان به چونڊن ۾ بي ضابطگين جي جاچ کي غور سان ڏسي رهيا آهيون

اليڪشن ڪميشن پاڪستان اعليٰ سطحي ڪاميٽي ٺاهي آهي جنهن ۾ هزارين پٽيشنز جمع ٿي چڪيون آهن.ڊونلڊ لو چيو ته 31سال اڳ پشاور ۾ پنهنجي مقرري دوران چونڊن کي ويجهو کان ڏٺو هو، چونڊ ڌانڌلين، تشدد ۽ ڌمڪين باوجود ووٽرز سامهون آيا، ٽئي ڏهاڪا اڳ نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو ۾ مقابلو هو، تازين چونڊن بعد پرڏيهي کاتي واضح بيان جاري ڪيو هو، تازين چونڊن ۾ اظهار جي آزادي، تنظيمن، پرامن اجتماع جي آزادين تي غيرضروري پابندين کي ڏٺو ويو، تشدد، انساني حقن ۽ بنيادي آزادي تي پابندي مذمت ڪئي وئي، ميڊيا ورڪرز تي حملا، انٽرنيٽ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز تائين رسائي تي پابندين جي مذمت ڪئي وئي، چونڊ عمل ۾ مداخلت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، مداخلت يا دوکي جي دعوائن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، چونڊن دوران سياستدانن ۽ سياسي ميڙاڪن تي حملا ٿيا، عورتن کي هراسان ڪيو ويو

هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود اليڪشن واري ڏينهن موبائل ڊيٽا سروس بند ڪئي وئي. هن چيو ته ڌمڪين باوجود 60ملين کان وڌيڪ پاڪستانين ووٽ ڏنو جن ۾ 21 ملين کان وڌيڪ عورتون به شامل هيون، ٽئي مختلف سياسي پارٽيون هاڻ پاڪستان جي چئيني صوبن ۾ قيادت ڪري رهيون آهن، نتيجن ۾ ڪجهه بي ضابطگين کي نوٽ ڪيو ويو. ڊونلڊ لو چيو ته پاڪستان آمريڪا جو اهم پارٽنر آهي، اسان پاڪستان جي جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ جو عزم رکون ٿا، دهشتگردي خلاف سهڪار ڪندا آهيون، مذهبي سميت انساني حقن کي هٿي ڏيڻ جي عزم ۾ شريڪ آهيون، آمريڪا پاڪستان ۾ معاشي استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، اسان پاڪستان جي برآمد لاءِ به سرفهرست آهيون، هن وقت به پاڪستان لاءِ اسان جي مدد، ترقياتي گرانٽس ۽ نجي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي

ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪئي پئي وڃي، پاڪستان کي وڌندڙ قرضن جي چيلنج کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن سال وفاقي حڪومت جي آمدني جو تقريبن 70سيڪڙو قرضن جي ادائگي ۾ وڃڻ جو امڪان آهي، پاڪستاني عوام هڪ اهڙي ملڪ جو مستحق آهي جيڪو پرامن، جمهوري ۽ خوشحال هجي اسان ان ويزن جي حمايت لاءِ روز ڪم ڪريون ٿا. ڊونلڊ لو پاران طالبان کان افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ ٿيندڙ حملا روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو، آمريڪي نمائندي ڊونلڊ لو چيو آهي ته افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ حملا ٿي رهيا آهن، سڀ کان وڏو حملو ڇنڇر تي ٿيو، جنهن ۾ 7 فوجي شهيد ٿي ويا، ڪجهه سالن کان بلوچستان ۽ ڪي پي اندر دهشتگردي ۾ واڌ ٿي آهي، اسان جو اهم مقصد آهي ته دهشتگردي کي منهن ڏيندڙ پاڪستاني عوام جي مدد ڪريون، افغان طالبان کان مطالبو ڪريون ٿا ته پنهنجي سرزمين تان پاڪستان ۾ حملا روڪي، آمريڪي ايوانِ نمائندگان جي ڪاميٽي آڏو مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڊونلڊ لو چيو ته افغانستان 40ورهين کان تڪرارن ۾ وڪوڙيل آهي

پاڪستان افغانستان سان جڙيل تڪرارن ۾ ڦاٿل آهي، پاڪستاني عوام جنهن دهشتگردي کي منهن ڏنو آهي ايئن ڪنهن منهن ناهي ڏنو. چيئرمين پرڏيهي ڪاميٽي پاران ڊونلڊ لو جو بيان تسلي بخش قرار ڏنو ويو. ڪاميٽي چيئرمين چيو ته اوهان جو جواب صاف ۽ اوهان صحيح آهيو، اسان اوهان جي ڏنل صفائي کي ساراهيون ٿا، اوهان جهڙا سٺا ماڻهو ئي تبديلي آڻيندا آهن