واشنگٽن: آمريڪي ڪانگريس ڪاميٽي آڏو ڊونلڊ لو چيو ته آمريڪا پاڪستان کي واضح چيو آهي ته 9مئي واقعن تي فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل تي ڳڻتي آهي، ڪانگريس جي ڪاميٽي ميمبر بريڊ شرمين سوال ڪيو ته پهريان بيٽ پوءِ بيٽر نشان تي پابندي لڳائي وئي، ڇا عمران کي سليڪٽو پراسيڪيوشن سسٽم جو نشانو بڻايو ويو؟ جنهن تي ڊونلڊ لو چيو ته عمران جي گرفتاري ۽ 9مئي جي مظاهرن بعد آمريڪا وڏي پيماني تي پي ٽي آءِ سميت اپوزيشن اڳواڻن جي گرفتارين تي خدشا ظاهر ڪيا آهن، بريڊ شرمين چيو ته آمريڪي سفير کي عمران سان جيل ۾ ملاقات ڪرڻي پوندي، ۽ يقيني بڻائڻو پوندو ته هو اها ڪهاڻي بيان ڪرڻ لاءِ زنده رهي ته کيس ڪيئن سليڪٽو پراسيڪيوشن ذريعي غلط سزا ڏني وئي.