اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني چونڊن ۾ ڌانڌلين جي جاچ ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ججز تي ٻڌل عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي ڪميشن عام چونڊن ۾ ڌانڌلين جي جاچ ڪرڻ سان گڏ نتيجن جي آڊٽ به ڪرائي، عدالتي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومتون ٺهڻ واري عمل کي معطل ڪيو وڃي. هوڏانهن باني پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته سڀ ڪجهه ڪوڙ تي هلي رهيو آهي، نگران حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ اسٽبلشمينٽ سڀ هڪ آهن، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام سان مهانگائي جو طوفان ايندو، هي حڪومت پنج ڇهه مهينن کان وڌيڪ نه هلندي، عمران چيو ته پي ٽي آءِ ۽ فوج ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.