واشنگٽن (م ڊ) سائفر مامري تي آمريڪي پرڏيهي ڪاميٽي ۾ ٻڌڻي دوران ڪجهه ماڻهن گوڙ ڪيو، ڪاميٽي ميمبر جي سفارش تي سيڪيورٽي اهلڪارن گوڙ ڪندڙن کي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو، ٻڌڻي دوران باني پي ٽي آءِ عمران خان جي حق ۾ نعرا هنيا ويا، آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. عمران جا حامي قيدي نمبر 804 لکيل شرٽون پائي آيا هئا.