بشام ۾ چيني انجنيئرز تي حملي بابت خيبرپختونخوا پوليس ٻي رپورٽ وفاق کي موڪلي ڇڏي

0
33

ڪي پي پوليس جي رپورٽ موجب ابتدائي جاچ جي بنياد تي ظاهري طور لڳي ٿو ته چيني شهرين  کي کڻي ويندڙ گاڏي بلٽ پروف ۽ بم پروف نه هئي

پوليس رپورٽ موجب مارجي ويل چيني شهرين ۾ هڪ عورت انجنيئر به شامل هئي، واقعي واري  هنڌ جي فضائي تصوير به حاصل ڪئي وئي

بشام ٿاڻو 6 ڪلوميٽر  ۽ داسو ڊيم 77 ڪلوميٽر  واقعي واري هنڌ  کان پري آهي، تباهه ٿيل بس  ٻي بس  کان 15 فٽ  جي فاصلي  تي هئي ۽ آپگهاتي ڌماڪي سان بس  300 فٽ  اونهائي ۾ وڃي ڪري

ڪي پي پوليس رپورٽ موجب چيني قافلي ۾ شامل سمورين بسن ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرا نصب هيون، آپگهاتي بمبار  جي استعمال هيٺ  گاڏيءَ جا ٽڪڙا حاصل  ڪيا ويا

ٻه هفتا اڳ بشام ۾ چيني انجنيئرز جي گاڏيءَ  تي ٿيل آپگهاتي حملي ۾ عورت سوڌو 6 چيني شهري مارجي ويا هئا