ورڪشاپ(رپورٽ: غلام قادر شر)  ورڪشاپ ڀرسان ڳوٺ عثمان بھڻ ۾  مريدن پاران  ڏھ مڻ اُن ڏن طور نه ڏيڻ تان راڻي پور جو پير احمد علي شاھ مريدن مٿان مڇرجي پيو،  مريد آردين، علي مراد آرادين جي مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته  پير علي احمد شاھ خيرپور ضلعي جو  پي ٽي آئي اڳواڻ آھي تازو اليڪشن ۾ ان خيرپور جي تڪ پي ايس 30 اين اي 204 جو اميدوار پڻ ھو اڄ ان ھو ڳوٺ عثمان بھڻ ۾ پنهنجي ڪرولا ڪار ۾ خليفن سميت مريدن کان ڏھ مڻ ان جي گهر ڪئي مريدن جي انڪار تي پير  ھٿيار کڻي زبردستي مريدن کان ڪڻڪ کڻڻ جي  ڪوشش ڪئي  جنهن تي مريد ۽ پير ھٿئين پئجي ويا  پير پاران کنيل ڪڻۡڪ جو ٻوريون ڪار مان لاھي ورتيون.

گاڏي جا پئسا وٺڻ ويو هيس، غلط رنگ ڏئي ساک خراب ڪئي وئي: پير

ورڪشاپ: پير احمد علي شاھ پاران وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ سندس موقف هو ته ڪجھ مھينا اڳ مريد آردين نالي شخص کان گاڏي خريد ڪئي ھئي ان جا ڪاغذ جعلي ھئا جنهن جو فيصلو پڻ ٿيو ھو ۽ اڄ ھو پنهنجا رھيل پئسا چاليھ ھزار وٺڻ آيو ته سندس مٿان حملي جي ڪوشش ڪري مامري کي سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي غلط رنگ ڏئي سندس ساک خراب ڪئي وئي آھي.

سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل، پير تي سخت تنقيد، علي احمد شاهه پي ٽي آءِ  اڳواڻ ۽ خيرپور تڪ تان اليڪشن وڙهيو هو

ورڪشاپ: ٻڌايو پيو وڃي ته  پير علي احمد شاھ خيرپور ضلعي جو  پي ٽي آئي اڳواڻ آھي تازو اليڪشن ۾ ان خيرپور جي تڪ پي ايس 30 اين اي 204 جو اميدوار پڻ ھو، سوشل ميڊيا تي اھڙي قسم جو وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پير مٿان سوشل مِيڊيا صارفين پاران  سخت تنقيد  ڪئي پئي وڃي.

اين سي داخل، پير جا ڪي به پئسا ناهن، ڪوڙ ٿو ڳالهائي: آرادين برادري

ورڪشاپ: ٻئي طرف مريد ٻڌايو ته مون مٿان حملو ڪندڙ تي کينھواري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آھي پير احمد علي شاھ اسان ڏي ڪنهن قسم جا پئسا ناھن پير ڪوڙ ڳالهائي رھيو آھي مراد علي آردين، ۽ مريد آردين ۽ پير فائرنگ ڪري اسان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ڪيس ته اسانکي داخل ڪرائڻ گهرجي