شھدادپور ڀرسان نوجوان مبينا طور اغوا، ماءُ پاران عدالت ۾ درخواست

0
202

شھدادپور (رپورٽر) ڳوٺ بقا ڏاهري ڏاهري واسڻ مسمات رشيده خاصخيلي پٽ کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سيشن ڪورٽ سانگهڙ ۾ درخواست داخل ڪرائي، درخواستگذارڻ مسمات رشيده خاصخيلي موجب، غلام علي ڏاهري ۽ مدثر ڏاهري پُٽ امان الله تي چوري الزام مڙھيو هو، ذاتي رنجش سبب پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي، ٻن هفتن کان پٽ جو ڪو به ڏس پتو ناهي، لُنڊو ٿاڻي جي پوليس ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پٽ جي اغوا ۾ ملوث ٻنهي ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ پٽ کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي، درخواست تي ٻڌڻي 28 جون تي ٿيندي.