منيشا لامبا جي بالي ووڊ انڊسٽري ۾ جنسي استحصال جو انڪشاف

0
381

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره منيشا لامبا انڊسٽري ۾ جنسي استحصال جي حوالي سان ڳاله ڪئي آهي ۽ هن حوالي سان بالي ووڊ جون اداڪارائون پاڻ سان گڏ پيش آيل جنسي مامري تي ڳالهيونڪري چڪيو آهن، هڪ انٽرويو دوران منيشا لامبا انڪشاف ڪيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ هن کي ڪم ڏيڻ جي عيوض جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، 2005 ۾ فل ”يهان“ کان اداڪاري جي نيا ۾ قدم رکندڙ اداڪاره جو چوڻ هو ته فلمسان ۽ ڊائريڪٽرز جي طرفان فلم تي ڳالهائڻ لاءِ ڊنر تي گهرايو ويو، مون کي فون ڪري چيو ويو ته هاڻي فلم فائنل نه آهي پر اسان ڊنر ۾ ملون ٿا، هن چيو ته مان هميشه آفيس ۾ ملاقات کي ترجيح ڏيندي هئس، ڪيترائي ڀيرا ڊائريڪٽر جي طرفان ڪيل غير اخلاقي مطالبن تي ائين ظاهر ڪندي هئس جيئن ڄڻ مون کي ڳالهه سمجهه نه آئي هجي، اداڪاره جو چوڻ هو ته ڪنهن به انڊسٽري ۾ جتي مرد هجن اتي توهان کي هن قسم جون اڻ وڻندڙ واقعا پيش ايندا، واضح رهي ته هن کان اڳ اداڪاره راڌيڪا آپتي، سوارا ڀاسڪر ۽ رچا چڍا سوڌو ٻين اداڪارائن ڳالهيون ڪري چڪيون آهن..