ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) ڊالر کي پرلڳي ويا، 157.6 رپين تي پهچي ويو: سون سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 500 رپيا لاٿ سان 109500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي پڻ 20 رپيا گهٽتائي سان 1450 مان 1430 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ڊالر هڪ رپيو 10 پئسا واڌ سان 156.5 مان 157.6 رپين واري بلند سطح تي پهچي ويو، جڏهن ته پائونڊ 221 رپين تي برقرار رهيو، هوڏانهن يورو پڻ 50 پئسا واڌاري سان189.5 مان 190 رپيا ٿي ويو.