پي ٽي آءِ ايم ايم پي اي ارسلان تاج جو رمانڊ منظور

0
170
ارسلان تاج جو رمانڊ منظور
پي ٽي آءِ ايم ايم پي اي ارسلان تاج جو رمانڊ منظور

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڳوڙن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل تحريڪ انصاف جي ايم پي اي ارسلان تاج کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ملير پوليس گذريل رات ڊي سي آفيس آڏو ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ ارسلان تاج جي گرفتاري ظاهر ڪئي هئي

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ارسلان تاج چيو ته اسان جا حوصلا بلند آهن، گهٻرائڻ وارا نه آهيون، ڇا به ٿئي ته عمران خان سان جنگ ۾ گڏ آهيون