ڊجيٽل آدمشماري بابت پنهنجا خدشا وفاق آڏو رکيا آهن: مراد علي شاهه

0
202
ڊجيٽل آدمشماري بابت پنهنجا خدشا
ڊجيٽل آدمشماري بابت پنهنجا خدشا وفاق آڏو رکيا آهن: مراد علي شاهه

سيوهڻ: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري بابت سنڌ پنهنجا خدشا وفاق آڏو رکي ڇڏيا آهن، وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته پهرين سنڌ جا خدشا ختم ڪيا وڃن

وڏي وزير مراد علي شاهه قلندر جي مزارتي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊجيٽل آدمشماري دوران ڳڻپ بعد ماڻهن کي ڳڻپ جي ڪاپي ڏني وڃي

هن چيو ته ڊيٽا گڏ ڪرڻ بعد هڪ ڪاپي ڊپٽي ڪمشنرز کي به ڏني وڃي

وڏي وزير جي آمد وقت قلندر جي درگاهه کي پانڌيئڙن لاءِ بند ڪيو ويو، درگاهه ۾ موجود سڀني ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو

هن کي به پڙهندا

ڊجيٽل آدمشماري شفاف انداز ۾ نه ٿي ته سنڌ حڪومت پنهنجي حمايت واپس وٺي ڇڏيندي:وڏو وزير

سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان پنڊي جي نجي ڪمپني کي ڏيڻ جون تياريون، 8 مان 5 بورڊز ۾ ايڊهاڪ لڳل