ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڳوڙن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل تحريڪ انصاف جي ايم پي اي ارسلان تاج کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
ملير پوليس گذريل رات ڊي سي آفيس آڏو ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ ارسلان تاج جي گرفتاري ظاهر ڪئي هئي
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ارسلان تاج چيو ته اسان جا حوصلا بلند آهن، گهٻرائڻ وارا نه آهيون، ڇا به ٿئي ته عمران خان سان جنگ ۾ گڏ آهيون