ھمايون شريف ويجھو ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 6 ڄڻا زخمي

0
228

ھمايون شريف ويجھو ٻن ڌرين ۾

ھمايون شريف (رپورٽر) همايون شريف ويجهو سارين جي چوري تان ڀيا ۽ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو ٿيو، نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، وفاقي وزير عابد ڀيو جي مامي سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا

واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي شڪارپور واقعي واري هنڌ پهچي ويو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري  آھي، علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو آھي

پوليس موجب ڀيا ۽ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سارين جي چوريءَ تان جهيڙو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نوجوان سراج معرفاڻي ۽ سعيد معرفاڻي مارجي ويا، زخمين ۾ ٻنهي ڌرين جا 3-3 ڄڻا شامل آھن

ھي به پڙھندا

ٺاروشاھ مان پسند جي پرڻي لاءِ نڪتل جوڙو اغوا

پٿورو: گهوٽ جو گهر مان لاش هٿ، ڪنهن سان به دشمني ناهي: وارث